تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اعجاز جکراڻي خلاف اثاثن جي ڪيس ۾ نيب مهلت گھري ورتي

سکر(بيورو رپورٽ) جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ نيب عدالت کان مهلت گھري ورتي آهي. نيب جي مهلت واري درخواست تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاھڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت سکر ۾ ٿي گذري، جنھن دوران نيب جي پراسيڪيوٽر درخواست ڏني ته اعجاز جکراڻي واري ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي ان ڪري جاچ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. عدالت نيب جي درخواست تي مھلت ڏيندي ريفرنس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته نيب اعجاز جکراڻي سميت 5 ڄڻن خلاف 74 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ جو ريفرنس داخل ڪرايل آھي.

Bookmark the permalink.