تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اعجاز جکراڻي جي مبينا فرنٽ مين عبدالرزاق بهراڻي جي رمانڊ ۾ واڌ

سکر (رپورٽر) سکر جي احتساب عدالت اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين عبدالرزاق بهراڻي جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ به 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، نيب طرفان اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين عبدالرزاق بهراڻي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عبدالرزاق بهراڻي کي 7 ڏينهن جو عدالتي ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، نيب سکر عدالت کي ٻڌايو ته گورنمينٽ ڪنٽريڪٽر عبدالرزاق کي خورشيد شاهه ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار عبدالرزاق بهراڻي ڪروڙين رپيا خورشيد شاهه جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪندو رهيو آهي، گرفتار جوابدار جيڪب آباد جي ترقياتي ڪمن جي فنڊز ۾ به خرد برد ڪندو رهيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، ريمانڊ ڏنو وڃي، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ عبدالرزاق بهراڻي جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، ٻيهر 12 ڊسمبر تي خورشيد شاهه سان گڏ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

Bookmark the permalink.