تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

اشو آف دي ڊي

پنهنجو خيال رکو ۽ آئسوليشن کي انجواءِ ڪريو
پنج ڏنهن اڳ اسان وٽ گهر ۾ ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيون، 111 تي فون ڪرڻ بعد اسان کي مشورو ڏنو ويو ته گهر ۾ مڪمل آئسوليشن اختيار ڪيو، جن کي symptoms آهن اهي 7 ڏينهن ۽ جن کي علامتون ناهن اهي 14 ڏينهن آئسوليشن ۾ رهن، طبيعت وڌيڪ خراب ٿئي ته ٻيهر رابطو ڪيو وڃي في الحال ٽيسٽ جي ضرورت ناهي، ڪورنٽائن کي 5 ڏينهن ٿي چڪا آهن، اسان سڀني کي هلڪو زڪام آهي پر ڪنهن کي به نمونيا يا ساهه جي تڪليف ناهي ٿي. سنڌ واسيو خدا جي واسطي اوهان به پنهنجي گهرن ۾ ويهو، جيڪڏهن علامتون ظاهر ٿين به ته ٽيسٽ لاءِ ڀڄڻ يا پينڪ ٿيڻ جي ضرورت ناهي، پنهنجي symptomsکي مانيٽر ڪريو، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو فقط عام نزلي، کنگهه، بخار کانپوءِ رڪور ڪري ويندا، اصل چيلينج اهي ڏهه سيڪڙو بزرگ، شگر جا مريض ۽ ٻيا گهٽ قوت مدافعت وارا آهن، پنهنجي بزرگن خاطر پنهنجن پيارن جي خاطر گهرن ۾ر هو. اسان فقط احتياط سان ئي موت ۽ وائرس کان بچي سگهون ٿا. پنهنجو خيال رکو ۽ آئسوليشن کي انجواءِ ڪريو. ( ظفر علي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)
سعيد غني لاءِ دعائون ۽ ٻيهر ٽيسٽ جو مشورو
سعيد غني کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث ٿي ويو آهي، سعيد غني پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو هو ته هن ٽيسٽ ڪرائي آهي ۽ کيس ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي، سعيد غني اهو به چيو هو ته هو ٺيڪ آهي، ڪورونا جون علامتون به ظاهر ناهن. اهڙي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڪورونا جون علامتون به ظاهر نٿيون ۽ اهو مرض به هجي ٿو اهڙي حالت ۾ ته هر ماڻهو وائرس ۾ مبتلا هوندو، آئسوليشن سان گڏ ٽيسٽ به ڪرائڻ گهرجي. جڏهن ته جاويد سومرو پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته منهنجي دعا آهي ته الله پاڪ سعيد غني کي صحتياب ڪري، پر هو پاڻ پنهنجي وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته ان ۾ ڪورونا جون نشانيون نه آهن، هو ٺيڪ آهي ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙي ليبارٽري کان اهڙي ٽيسٽ ڪرائي آهي؟، سرڪاري هئي ؟ جيڪڏهن سرڪاري هئي ته پوءِ سعيد غني ٻيهر ڪنهن ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي ڇو ته سرڪاري ليبارٽري ۾ انهن جا ڀرتي ٿيل ماڻهو آهن جن جي اهليت تي پهريان ئي سوال اٿاريا ويا آهن. ڊاڪٽر شاهد مسعود فين ڪلب ناهي آءِ ڊي پاران ٽوئيٽ ڪيو ويو ته سعيد غني بلڪل تندرست آهي، هو ڄاڻي واڻي ڪورونا جو مريض بڻجي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن بعد ٻڌندا ته ٺيڪ ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ وڏي انگ ۾ صارفين پاران سعيد غني لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو.
چونڊيل نمائندا مسنگ پرسن بڻجي ويا
ڪورونا وائرس واري صورتحال ۾ عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن کي ڳولي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪراچي سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان، ايم اين اي نجيب هارون، عبدالشڪور ساند، علي حيدر زيدي، فيصل واوڊا جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن جن ۾ انهن کي لاپتا ڄاڻايو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي ته ڪيس تبديلي آهي، انهن جو اسٽيٽس ڪورائنٽائن آهي، هنن مان ڪير به نظر اچي ته ويجهو ليٽر باڪس ۾ وجهندا ته جيئن سنڌ حڪومت کي ملي وڃن. هي ڪورونا وائرس واري صورتحال ۾ مسنگ پرسن بڻجي ويا آهن.
سماجي دوري ضروري
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ڪل مريضن مان پنجاھ سيڪڙو اهي جن ۾ بيماري جا اثر زيرو آهن پر وائرس کڻي هلن ٿا، اصل خطرو انهن مان آهي ڇو ته اهي ظاهري طور بيمار نٿا لڳن پر اهي هڪ کان ٻئي ماڻهوءَ ۾ وائرس پکيڙڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. تنهنڪري سڀني ماڻهن کي گهرجي ته هڪ ٻئي کان پري رهن يعني سماجي دوري اختيار ڪن (شير بانو ڪاڪا جي فيس بوڪ وال تان ورتل)
وزيراعظم ۾ اهليت ناهي
ستار مهر پنهنجي فيس بوڪ پوسٽ ۾ لکيو ته وقت مراد شاهه جي فيصلي کي ٺيڪ ثابت ڪيو ۽ اها به پڪ ٿي وئي ته وزيراعظم ۾ فيصلو ڪرڻ جي اهليت ناهي. جنهن تي ايڊووڪيٽ نثار احمد لکيو ته پوءِ به عمران چوندو ته وفاق لاڪ ڊائون نه ڪيو آهي صوبن ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.