تازا ترين
  • *ڄامشورو ۾ نوجوان ناري جو پيءُ تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام: پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو * ڄامشورو: پيءُ پاڻي بهاني ڪمري ۾ گهرائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي: ناري جو الزام * ڄامشورو: جوابدار سومر ملاح کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس *
  • *ڪشمور پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ هڪ جوابدار محمد حيات سبزوئيکي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*
  • *جهول ويجهو باهه لڳي وئي، پورهيتن جا 8 ڪکانوان گهر الهه تلهه سوڌو رک*
  • *گولاڙچي ويجهو ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا نواز خاصخيلي ۽ عظيم خاصخيلي فوت*
  • *مانجهند: سن ويجهو وين ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو 45 سالن جو چنيسر کوسو فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي*
  • *گمبٽ ۾ هڪ عورت حاڪم زادي ڪوري ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر*
  • *گمبٽ ڀرسان استري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت طيبه ڪليري فوت ٿي وئي*
  • *پيرڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن غلام شبير ڀنگر ۽ محمد قاسم ڀنگر مان هڪ غلام شبير ڀنگر فوت ٿي ويو*
  • *سکر: گهوٽڪي ويجهو مڙس جوابدار علي مراد شيخ پاران ڪارنهن تهمت هڻي زال مسمات ظھران کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ناري نازڪ حالت ۾ سکر ريفر * سکر: جوابدار علي مراد شيخ زال مسمات ظھران کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو * سکر: جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي نياڻي تي حملو ڪيو: وارث*
  • *سکر: پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ناري سِمرن ڌيءُ ڪيول مسيح درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 2 نالا تجويز * ڪراچي: سنڌ سرڪار ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏيا *
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي ٽئڪس ۾ رعايت: ڪابينا خدمتن تي ٽئڪس ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي * ڪراچي: گهريلو ملازمن جي پگهارن ۽ رجسٽريشن لاءِ رولز جي منظوري، موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ به ترميمي قانون جي منظوري ڏني وئي * ڪراچي: وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت، اربن اٿارٽي جوڙڻ جي به منظوري *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ طرفان سول سوسائٽي سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيا: ڏوهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ تي زور * ڪراچي: وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿي ويندو، ڪوبه بحران نه آهي: مرتضيٰ وهاب *
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*

اشتهارن جي مد ۾ اخبار مالڪن کي رهتون نه ملڻ وارو ڪيس: چيف سيڪريٽري طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم باوجود اشتهارن جي مد ۾ اخباري مالڪن کي رهتون نه ملڻ تي چيف سيڪريٽري کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو، عدالت اشتهارن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جي استدعا رد ڪندي چيو آهي ته هي توهين عدالت جو ڪيس آهي، وڌ ۾ وڌ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي سگهجي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اشتهارن جي مد ۾ اخبارن کي رهتون ادا نه ڪرڻ واري مامري تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سُڌ سماءَ کاتي جو سيڪريٽري ۽ اشتهارن واري سرڪاري شعبي جو ڊائريڪٽر ذوالفقار شاهه پيش ٿيا.
ٻڌڻيءَ دوران عدالت پُڇيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سُڌ سماءَ کاتي جو سيڪريٽري ٻڌائين ته ڪيستائين رهتون ادا ڪندا، عدالت هڪ هفتي اندر رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اُن تي عملدرآمد نه ٿيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اشتهارن جي مد ۾ ڪجهه رقم ادا ٿي وئي آهي، رهيل رقم نه ملي آهي. عدالت چيف سيڪريٽري کي پاڻ پيش ٿي جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
اشتهارن واري شعبي جي ڊائريڪٽر عدالت کان رهتن جي ادائگي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت گهري، جنهن عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي توهين عدالت جو ڪيس آهي، اِن معاملي تي وڌ کان وڌ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي سگهجي ٿي. بعد ۾ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.



Bookmark the permalink.