تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

اسٽينو گرافر لطيف ميمڻ کي ڊسٽرڪٽ مئنيجر بڻائي 48 لک رپيا ادا ڪيا ويا: انڪشاف

ڪراچي: پي پي ايڇ آءِ پاران مارچ 2014ع ۾ 12هين گريڊ جي اسٽينو گرافر لطيف علي ميمڻ کي ڊسٽرڪٽ مئنيجر طور مقرر ڪري 48 لک رپيا ادا ڪيا ويا، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان وقت لطيف علي ميمڻ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن کاتي ۾ مقرر ٿيل هو، جتي پڻ سندس مقرري غيرقانوني هئي پر اتان کيس ڊيپوٽيشن تي پي پي ايڇ آءِ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مئي 2016ع ۾ کيس واپس پنهنجي پهرين کاتي ڏانهن اماڻيو ويو هو، جنهن جي لاءِ ٻيهر پي پي ايڇ آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو جون ۾ خط لکي ۽ سندس خدمتون حاصل ڪيون ۽ کيس اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر طور مقرر ڪري فوري طور تي کيس ڊسٽرڪٽ مئنيجر طور مقرر ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي کيس 48 لک رپيا اداري پاران ادا ڪيا ويا.

Bookmark the permalink.