تازا ترين
  • *ڪراچي: ڪميشن پاس نرسز جون انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، 5ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم *انتظاميا 2382 نرسز مان 1436 ميل ۽ في ميل نرسز کي پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي: نرسز اڳواڻ *700 نرسز کي جعلي ڊوميسائيل هجڻ جي الزام تحت پڪو نه ڪيو ويندو: نرسز اڳواڻ *
  • *قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر *ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن: فوڪل پرسن *ڪورونا متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: فوڪل پرسن *
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

اسٽاڪ ايڪسچينج حملي جو ڪيس داخل، جاچ شروع، شهيد ايس آءِ لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ نوڪري جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت تي ٿيل حملي جي جاچ جاري، مختلف جاين تان سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا ويا، دهشتگردن جي ڪار مان مليل موبائيل فونن ذريعي سهولتڪارن تائين پهچڻ جي اميد، حملي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت داخل، سومر جي صبح جو 10 هين وڳي ڌاري آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت تي ٿيل حملي جي جاچ جاري آهي، جاچ ٽيمن مختلف جاين تان سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا، سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي لاءِ لياري ايڪسپريس وي وارو رستو اختيار ڪيو، دهشتگرد لياري ايڪسپريس وي تي غريب آباد انٽر ايڪسچينج تان چڙهيا ۽ ماڙيپور انٽرچينج تان لهي ٽاور پهتا، دهشتگردن اهو رستو سيڪيورٽي اهلڪارن جي نظر کان بچڻ لاءِ اختيار ڪيو. سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگردن جي ڪار مان 2 موبائيل فون مليا، جيڪي لاڪ ٿيل آهن، اميد آهي ته انهن موبائيلن ذريعي دهشتگردن جي سهولتڪارن توڙي ماسٽر مائينڊ تائين پهچي سگھبو، ڇاڪاڻ ته موبائيل فونن مان مڪمل ڪال رڪارڊنگ ملي ويندي، خبر پئجي ويندي ته دهشتگرد ڪنهن سان رابطي ۾ هئا. سي ٽي ڊي ذريعن موجب حملي ۾ جيڪا ڪار استعمال ڪئي وئي، اها ڪراچي مان ئي خريد ڪئي وئي، جنهن شوروم تان ڪار خريد ڪئي وئي، ان جي مالڪ کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي ۽ کانئس رڪارڊ ورتو ويو، شوروم جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ قتل، ڊيوٽي اٽڪاءَ، حملي، ارادي قتل ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، ايس ايڇ او ميٺادر رضوان پٽيل جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته پوليس کي حملي جو اطلاع مليو، پوليس پهتي ته گيٽ تي ٻن دهشتگردن جا لاش پيل هئا، جڏهن سب انسپيڪٽر شاهد جو لاش به پڪ اٽ ڀرسان مليو، ان کان ٿورو اڳيان ٽن سيڪيورٽي گارڊن جا لاش مليا هئا جڏهن ته 6 زخمي پڻ ٿيا هئا، جن کي سول اسپتال نيو ويو هو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪار ۾ 4 نامعلوم دهشتگرد سوار هئا، جن حملو ڪيو، ڪار تحويل ۾ ورتي وئي آهي، جڏهن ته جاءِ واردات تان 39 رائيفل گرنيڊ، هڪ آٽوميٽڪ رائيفل، روسي ۽ آمريڪي ساخت جا 25 دستي بم، ڪلاشن ڪوف جي گولين جا 26 دٻا، گرنيڊ جا 12 دٻا، 16 ھينڊ گرنيڊ سيفٽي ڪورڪس، ڪلاشن جا لوڊ ٿيل 11 ميگزين، پيٽرول جون 3 بوتلون ۽ گولين جا لاتعداد خول مليا، بيگن ۾ آوان بم به پيل هئا، ڪار مان 2 موبائيل فون پڻ مليا، جيڪي لاڪ ٿيل آهن، دھشتگردن جي قبضي مان کاڌي پيتي جو سامان به مليو، جنهن سامان ۾ پاڻي جون 3 بوتلون، ڀڳل چڻن جا 4 دٻا ۽ ٻيون شيون شامل آهن. سي ٽي ڊي ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي پوليس ابتدائي رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، پوليس ابتدائي رپورٽ سان گڏ ايف آءِ آر به عدالت ۾ جمع ڪرائي. سي ٽي ڊي پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت شروعاتي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي سومر ڏينهن 10 لڳي 02 منٽن تي دهشتگردن حملو ڪيو، دهشتگردي جي حملي کي پوليس ۽ رينجرز ناڪام بڻايو، حملي ڪندڙ چئني دهشتگردن کي موقعي تي ئي ماريو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته واقعي ۾ هڪ پوليس انسپيڪٽر ۽ 3 سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڪنهن جي چرچ تي اهو حملو ڪيو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو ويو جاچ ڪري اهو پتو لڳائڻو آهي، دهشتگردي جي منصوبابندي ڪيئن ۽ ڪٿي ڪئي وئي ان جو به پتو لڳائڻو آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل سب انسپيڪٽر کي پروموشن، وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ هڪ نوڪري، شهيد سيڪيورٽي گارڊن جي وارثن کي 50-50 لک ۽ هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت زخمي اهلڪارن لاءِ 10-10 لک، فرنٽ لائين تي وڙهندڙ 7 پوليس اهلڪارن کي 5-5 لک ۽ ٻين سپاهين توڙي رينجرز اهلڪارن کي هڪ هڪ لک ڏنا ويندا. اهڙو اعلان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان سينٽرل پوليس آفيس جي دوري دوران ڪيو ويو. ان کانپوءِ وڏي وزير سي پي او ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندڙ اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حملي ۾ شهيد ٿيل نوجوانن خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، انهن ملڪ کي هڪ وڏي سانحي کان بچائي ورتو. وڏي وزير چيو ته تمام گهٽ وقت ۾ دهشتگردن کي نيست و نابود نه ڪيو وڃي ها ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملي کان به وڏو نقصان ٿي سگهيو پئي. مون اڳ به چيو ته دهشتگرد اساما ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو ڪيو، اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو به ان جهڙو حملو هو. هن چيو ته جن دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو، اهي ٻاهر کان آيا هئا ۽ مون گذريل ڏينهن ٿيل امن امان بابت اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هو اندروني ۽ ٻاهرين رستن تي نگراني کي تيز ڪن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حملي باوجود واپار جاري رهيو ۽ مارڪيٽ ۾ 240 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن سان سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي اعتماد ظاهر ٿئي ٿو. وڏي وزير چيو ته ملڪ اڳ ئي معاشي بحران جو شڪار آهي، ڪورونا سبب سڄي دنيا بحران مان گذري رهي آهي، اهڙين حالتن ۾ دهشتگردن اهو پيغام ڏيڻ چاهيو پئي ته پاڪستان ڪمزور ٿي رهيو آهي پر اسان جي بهادر سپاهين سندن ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مراد شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن دهشتگرد ٽريڊنگ هال ۾ پهچي وڃن ها، اتي 500 ماڻهو هوندا آهن، جيڪڏهن اهي پهچي وڃن ها ته اهو وڏو سانحو ٿي سگهي پيو. هن چيو ته اسان 22 پوليس اهلڪارن سميت گارڊز ۽ رينجرز کي سرٽيفڪيٽ ڏنا آهن، آئون چاهيان ٿو ته انهن سڀني جا نالا وٺي انهن کي سلام پيش ڪريان. تقريب دوران هڪ اهلڪار پنهنجو ماسڪ لاٿو ته سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آئون انهي کي سڃاڻان ٿو ۽ هو منهنجو گارڊ پڻ رهي چڪو آهي، آئون انهن سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿو. حڪومت جو فرض آهي ته پنهنجن ملازمن جو خيال رکي. اها اسان جي پاليسي آهي ته جيڪي اهلڪار ملڪ لاءِ جان جو نذرانو ڏيندا آهن، انهن کي انشورنس ۽ معاوضي جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڏنا ويندا آهن. مونکي اميد آهي ته ٻيا ادارا به انهن جو خيال رکندا. اسان شهيدن جي وارثن کي نوڪريون به ڏيون ٿا، آئون پنهنجي ڪابينا کي درخواست ڪندس ته اسان ڏهه لک رپيا امداد ڏيندا آهيون پر انهن گارڊن کي 50-50 لک رپيا ڏنا وڃن. آئون ٽن گارڊن جي وارثن کي سرڪاري نوڪري ڏيندس. جڏهن ته دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ 7 اهلڪارن کي پنج، پنج لک رپيا انعام ڏيان ٿو. آر آر ايف سميت رينجرز اهلڪارن کي هڪ، هڪ لک رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن اسان وٽ اهڙا نوجوان هوندا ته ڪوبه پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندو.

Bookmark the permalink.