تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اسٽاڪ ايڪسچينج حملو : اي ڪلاس ڪرڻ جو چالان پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ ملوث سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پوليس پاران ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جو چالان جمع ڪرايو ويو. پوليس ڄاڻايو آهي ته ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪو به سهولتڪار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، تنهنڪري ڪيس اي ڪلاس ڪيو وڃي، مستقبل ۾ ڪو جوابدار گرفتار ٿيو ته اهو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، چالان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته 29 جون تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي 4 دهشتگردن سلمان، سليم بلوچ، سراج ۽ هڪ نامعلوم دهشتگرد حملو ڪيو ، واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي هڪ ٽي وي ڊرامي ديوانگي جي هڪ سين ۾ نظر آئي هئي، جنهن تي جيو انٽرٽينمنٽ انتظاميه ٻڌايو ته اها گاڏي ڪنهن اسٽاف يا ڪنهن اداڪار جي ناهي، چالان جي متن ۾ ڄاڻايو ويو ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي مارجي ويل دهشتگرد سلمان جي نالي تي هئي، مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق بلوچستان جي علائقي ڪيچ سان آهي، دهشتگردن جي استعمال هيٺ موبائل فون جون سمون پنجاب جي مختلف علائقن مان مختلف نالن تي ايڪٽيويٽ ڪرايون ويون هيون، عدالت چالان وڌيڪ ڪارروائي لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 15 کي منتقل ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.