تازا ترين
  • صدر جي ڀٽيون:ڳوٺ بودلي مهيسر ۾ پيءُ پاران ڌيءِ کي مبينا طور جوا ۾ هارائڻ جو انڪشاف*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جوا ۾ هارائڻ بعد نوجوان مرتضي انڙ سان شادي ڪرائي وئي*منهنجي ڀيڻيوي پنهنجي نياڻي کي جوا ۾ هارائي نوجوان مرتضيٰ انڙ سان پرڻائي ڇڏيو:ناري جو مامو*ناري ليلم ڪلهوڙو کي جلد هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو:پوليس*
  • پي ٽي آءِ وارن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا،ٽن ڏينهن تائين جواب نه ملي سگهيو آهي:بلاول ڀٽو*عمران خان ۽ سندس فرنٽ مين ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن کي تحفظ ڏئي رهيا آهن:بلاول ڀٽو*پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي ڀيڻ جي ڪرپشن بابت معاملو اٿاريو پر جواب ناهي مليو:بلاول ڀٽو زرداري*عمران خان ۽ سندس وزير بي آر ٽي منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن ۾ ملوث آهن:بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئيٽ*حڪمرانن جي ڪرپشن بابت سوال اٿاريا، پر نيب ۽ عدالتون مڪمل خاموش آهن:بلاول ڀٽو زرداري*مون پريس ڪانفرنس ۾ابراج گروپ جي رپورٽ ڏيکاري پر ان جو جواب ناهي مليو:بلاول*
  • *ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي مرڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو *سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت *ٿر ۾ هلندڙ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 26 ۽ هلندڙ سال505 ٿي ويو*
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *

اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو اڳواٽ اطلاع هو يانه؟ وڏي وزير ۽ اي آءِ جي جي بيانن ۾ تضاد

ڪراچي: سنڌ حڪومت اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي کي ملڪي معيشت تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير چيو آهي ته حملي کي ورلڊ ٽريڊسينٽر ٿيل حملي سان ڀيٽيان ٿو، اڳ ۾ ٿريٽ هئا پر اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي سان ٿريٽ نه هئا، گھوٽڪي،لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ دستي بم حملا ٿيا هئا، هي واقعو به انهي گروهه جي سازش لڳي ٿو، دهشتگردن کي ختم ڪري ڇڏينداسين. سيد مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي سنڌ ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن کي تيز ڪرڻ سميت انٽيليجنس رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي. ڪالهه سومر تي وزيراعليٰ هائوس ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي کانپوءِ امن ۽ امان بابت اجلاس ڪوٺايو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر بخاري، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، گهرو سيڪريٽري عثمان چاچڙ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي مهر، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ مختلف انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي مذمت ڪندي ان کي ملڪ ۽ قومي معيشت تي حملو قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو برداشت نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي حملن کانپوءِ سومر تي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ساڳئي گروهه جي دهشتگردي لڳي ٿو. هن سڀني ادارن کي هدايت ڪئي ته آئون ان گروهه کي جيل ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. وڏي وزير چيو ته لڳي ٿو ته هي هڪ منظم گروهه آهي، جنهن صوبي ۾ دهشتگردي جون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن ڪري انهن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ادارن کي هدايت ڪئي ته سڄي سنڌ ۾ انٽيليجنس تحت آپريشن شروع ڪيو وڃي. ۽ سمورن شهرن جي اچ وڃ جي رستن تي نگراني مضبوط ڪئي وڃي. پوليس ۽ رينجرز سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهي ڪراچي شهر ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۽ ٽائونن ۾ دهشتگردن خلاف 24 ڪلاڪ ٽارگيٽڊ آپريشن جو آغاز ڪيو ويندو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين پهچڻ لاءِ ايجنسيون تمام ويجهو آهن. مراد علي شاهه پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي ساراهه ڪئي، جن دليريءَ سان دهشتگردن کي ماريو. هن ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس کي چيو ته سندس واکاڻ جا لفظ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تائين پهچڻ گهرجن. ۽ هن چيو ته هوءَ زخمي پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير ايل اي اي کي هدايت ڪئي ته آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا فنگر پرنٽس ۽ تصويرون نادرا ڏانهن موڪليون وڃن ته جيئن انهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ۽ انهن جي رابطن ۽ لاڳاپيل حقيقتن جي جاچ ڪري سگهجي.
ڪراچي: ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس دھشتگردي جا ڪيترائي منصوبا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايجنسين جي مدد سان ناڪام بڻايا، ايجنسيون پوليس ۽ رينجرز کي ٿريٽس بابت آگاھ ڪنديون آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جا ٿريٽ ملياهئا، ان ڪري تيار هئاسين ۽ اسان حملو ناڪام بڻايو.

Bookmark the permalink.