تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيرن خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن پ ا )اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ وڪڙيو جي رهواسين ولها برادري جي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن تماچي ولهو.برڪت جنجهي، سيف الله سنگراسي ييرسن حمايت، ولايت هوا، سوناري معصوم ٻارن قاسم، نظير، آشا، زليخا ۽ ٻين ڳوٺ جي ٻين ڳوٺ جي بااثر وڏيرن خلاف ڪالھه ٻئي ڏينهن به مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري روينيو جي عملدار نبي بخش جنجهي ۽ هانسو جنجهي۽ ساٿين سان گڏجي هڪ ڏينهن اڳ اسان جي گهر تي قبضو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي عورتن کي بندوق جا ڪنڌاق هڻي تشدد ڪيو، جنهن جي اسان پوليس کي دانهن به ڏني ۽ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو باوجود انهي جي پوليس اسان جي هڪ به نه ٻڌي بااثر جي خلااف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاء پوليس بااثر جي ڌۡر بڻجي چوي پئي ته نه گهر تي قبضو ٿيو آهي ۽ نه وري گهر تي فائرنگ ٿي آهي، اسان سان بااثر وڏيري ظلم ڪري جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، وڏيرو هٿيار کڻي اسان جي پويان گهمي رهيو آهي خوف سبب اسين گهر به لڪي وڃون ٿا. اسان انصاف لاءِ ڊي سي ٿرپارڪر کي به درخواست ڏني آهي، اسان چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي اپيل ٿا ڪريون ته انسانيت جي ناتي اسان غريبن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي وڏيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان انصاف ملڻ تائين پنهنجو احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين.

Bookmark the permalink.