تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت جو روينيو عملدار جي مبينا زيادتين خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت روينيو عملدار جي مبينا زيادتين خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو. ڳوٺ وڪڙيو جي ولها برادري جي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن تماچي ولهو، برڪت جنجهي، سيف اللله سنگراسي پيرسن حمايت، ولايت، هوا، سوناري معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندي چيو ته بااثر وڏيري روينيو جي عملدار نبي بخش جنجهي ۽ هانسو جنجهي۽ ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر تي قبضو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي عورتن کي بندوق جا ڪنڌاق هڻي تشدد ڪيو، اسان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي،هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي وڏيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن گڏ آيل ڳوٺ جي نيڪ مرد حاجي رحمت الله جهنجي چيو ته هي غريب ماڻهو اسان جي ڳوٺ جا آهن هنن مسڪينن سان ظلم ڪيو پيو وڃي. هنن مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.