تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

اسلام ڪوٽ ۾ آپگهات جا ڌار ڌار واقعا: نوجوان ۽ ناري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

مٺي (رپورٽر) اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان ۽ ناري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ چوڻهار ۾ 18 سالن جي ناري مينا ڪماري ڌيءُ ساڌو ميگهواڙ گهر ڀرسان موجوده پاڻيءَ جي کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو ويو آهي ته ناري جي اڳواٽ مڱڻي ٿيل هئي پر ناري کي اُنهي مڱيندي سان شادي تي اعتراض هو، جنهن کانپوءِ هُن زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته نينگري جو والد ساڌو ميگهواڙ قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳي چڪو آهي، کيس مهينو ڏيڍ اڳ آزاد ڪيو ويو هو.
اسلام ڪوٽ جي ئي هڪ ٻئي ڳوٺ کاکڻهيار رحم علي ۾ به آپگهات جو واقعو پيش آيو آهي، جتي نوجوان پرسو ولد ماوو ڪولهي پاڻ کي وڻ سان ٽنگي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. نوجوان جي هڪ سال اڳ شادي ٿي، پر کيس اولاد نه هو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته نوجوان گهرو ڳالهه تان زال سان ڪاوڙجڻ بعد ڦاهو کائي ڇڏيو آهي.
اسلام ڪوٽ پوليس ٻئي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد ضروري ڪارروائي ڪئي، جنهن بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس ٻنهي واقعن جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهات جي واقعن ۾ اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي. حقيقتون سامهون اچڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.



Bookmark the permalink.