تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

اسلام ڪوٽ ويجهو عيد ڏهاڙي وڻن جي واڍي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڳوٺ برڊ لنجا ۾ جهيڙي دوران جمال لنجو ٿڏي تي مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي

پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ

اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ويجهو عيد ڏهاڙي وڻن جي واڍي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ ڇڪتاڻ، ڳوٺ برڊ لنجا ۾ جهيڙي دوران جمال لنجو ٿڏي تي مارجي ويو، ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جهيڙي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي تي ڪنٽرول ڪيو آهي، 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.