تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اسلام آباد وقف ملڪيتن بابت بل 2020 ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي بابت ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ موڪلڻ جي منظوري

اپوزيشن پاران بلز گڏيل اجلاس ۾ اماڻن جي مخالفت ڪئي وئي:ٻئي بل سينيٽ مان رد ٿيا هيا

اجلاس دوران ڪوآپريٽو سوسائٽيز بل به 2020 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسلام آباد وَقف ملڪيتن بابت بل 2020 ۽ مني لانڊرنگ جَي خاتمي بابت ترميمي بل پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس ۾ موڪلڻ جِي منظوري ڏني وئي. اپوزيشن پاران بلز گڏيل اجلاس ۾ اماڻڻ جِي مخالفت ڪئي وئي. ٻئي بلز سينيٽ مان رد ٿي ويا هئا. ڪوآپريٽو سوسائٽيز بل به 2020 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.