تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪلڀوشن ڪيس تي غير ضروري بيان بازي کان روڪي ڇڏيو، ڀارت کي ٻيهر وڪيل ڪرڻ جي آڇ جو حڪم

ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڪلڀوشن مامري تي آرڊيننس ڇو آندو ؟: چيف جسٽس اطهر من الله

7جون تي ڪلڀوشن قونصلررسائي کان معذرت ڪئي۽ڏوهه جواعتراف ڪري ڇڏيو:اٽارني جنرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو مامري تي حڪومت کي غير ضروري بيان بازي کان روڪي ڇڏيو، ڪلڀوشن ياديو کي سرڪاري وڪيل جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله حڪم ڏنو ته حڪومت ڪلڀوشن مامري تي ڀارتي سرڪار کي ٻيهر وڪيل ڪرڻ جي آڇ ڪري، عدالت فيئر ٽرائل کي يقيني بڻائيندي، اٽارني جنرل چيو ته ڀارت تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي نه پيو ڏئي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪلڀوشن ياديو کي به وڪيل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وڃي، ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڪلڀوشن مامري تي آرڊيننس ڇو آندو ۽ نظرثاني درخواست ڇو داخل ڪرائي آهي؟، اٽارني جنرل چيو ته ڀارت تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي نه پيو ڏئي، عالمي عدالت ڪلڀوشن جي آزادي بابت ڀارتي حڪومت جي پاڪستان جلد بازي ۾ ڪوبه قدم نٿو کڻڻ گهري، حڪومت ان لاءِ ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته 7جون تي ڪلڀوشن قونصلر رسائي کان معذرت ڪئي، ڀارتي جاسوس پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت پاران ڀارت کي ٻيهر وڪيل ڪرڻ جي آڇ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت پاران

Bookmark the permalink.