تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالتن کي هفتي لاءِ فيصلا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي سمورين ماتحت عدالتن کي ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال کي سامهون رکندي هڪ طرفو فيصلو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سمورين عدالتن کي هڪ خط ذريعي هدايت ڪئي آهي ته سموريون عدالتون ڪنهن به درخواست ۾ فيصلو ڏيڻ وقت هڪ طرفو فيصلو نه ڏين، ڪنهن به ڌر جي عدالت ۾ حاضري نه هئڻ تي ڪيس خارج به نه ڪيو ويندو، ڪنهن به عدالت جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل وقت واري شرط به ختم ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي معاملن ۾ اهي نرميون صرف ڪورونا وائرس جي سبب لڳايل ايمرجنسي کي سامهون رکي ڏنيون ويون آهن.

Bookmark the permalink.