تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

اسرا يونيورسٽي طرفان فلاحي زمين بلڊر کي وڪرو ڪرڻ تي ڪمشنر حيدرآباد کي نوٽيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ طلب ڪري ورتو

اسرا يونيورسٽي انتظاميا فلاحي زمين بلڊرکي وڪرو ڪئي آهي: درخواستگذار

رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪمشنر حيدرآباد کي پهرين آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسريٰ يونيورسٽي ۾ فلاحي زمين بلڊرز کي وڪرو ڪرڻ واري معاملي جو جواب داخل نه ڪرڻ تي ڪمشنر حيدرآباد کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ فلاحي زمين وڪرو ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار محمد عارف سيڪريٽري بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، ڪمشنر حيدرآباد، رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽي سنڌ، ڊائريڪٽر جنرل حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڪنٽرول، ايڇ ڊي اي، ريجنل ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ايس ايس پي حيدرآباد، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد، مختيارڪار قاسم آباد، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد ۽ ٻين کي ڌُر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته اسريٰ يونيورسٽي انتظاميا نقشي جي حساب سان رکيل فلاحي زمين به ايليگينٽ بلڊرز ۽ ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾اسريٰ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پنهنجي نمائندي معرفت عدالت ۾ پنهنجو جواب پڻ جمع ڪرايو. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇيو ته گذريل ٻڌڻي تي ڪمشنر حيدرآباد کي حڪم ڏنو هو ته هو سائيٽ وزٽ ڪري عدالت کي رپورٽ ڏئي، پر رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته محرم الحرام دوران سيڪيورٽي ۽ ٻين سببن جي ڪري انتظاميا مصروف هئي، تنهن ڪري کين ڪجهه وقت ڏنو وڃي. عدالت ڪمشنر حيدرآباد کي رپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي کيس پهرين آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش رپورٽ داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

Bookmark the permalink.