تازا ترين
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *
  • *منهڙو : روهڙي ڪئنال ۾ڪريل ڪار ۾سوار زال مڙس جا لاش نه مليا *مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا جاري، سوين ماڻهو واقعي هنڌ پهتل، انتظاميا گم *رات دير سان حادثي بعد غلام رسول ڏاهري کي زندهه حالت ۾ڪڍيو ويو هو *

اسان وٽ وڻ تباهه ڪندڙ اڀي نندن جهڙا پائليٽ نه آهن: فخر عالم جي ٽوئٽر تي ڀارتي صارف کي ورندي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي انڊسٽري جي مشهور ميزبان ۽ ڳائڻي فخر عالم پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ پاڪ فضائيه تي تنقيد ڪندڙ ڀارتي صارف جي ڇنڊ پٽي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي فخر عالم ماڪڙ جي خاتمي لاءِ ننڍن جهازن جي مدد سان فصلن تي اسپري ڪرڻ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب وڊيو تي ڀارتي صارف پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي لکيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ پاڪ فصائيه جون خدمتون ڇو نٿيون ورتيون وڃن، وٽن ايف 16 جهڙيون بهترين مشينون موجود آهن. صارف مذاق ٽهڪ ڏيڻ وارو ايموجي شيئر ڪيو. صارف جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ فخر عالم به بهترين رد عمل ڏيندي لکيو ته بدقسمتي سان اسان وٽ اڀي نندن جهڙا پائلٽس نه آهن جيڪي وڻن کي تباهه ڪرڻ جا ماهر هجن. فخر عالم اهو به لکيو ته اوهان پنهنجن پائليٽس کان پڇو ته ڇا هو ماڪڙ تي حملي آور ٿي سگهن ٿا؟ واضح رهي ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي حدن جي پامالي ڪندڙ ڀارتي پائيليٽ اڀي نندن ڇهه ست وڻ ڪيرائي ڇڏيا هئا. پاڪ فضائيه طرفان ڀارتي جهاز ڪيرائڻ ۽ پائليٽ اڀي نندن جي گرفتاري کانپوءِ آزادي کي آپريشن سوئفٽ ريٽارڊ جو نالو ڏنو ويو آهي. فخر عالم سوشل ميڊيا تي سرگرم نظر ايندو آهي ۽ مداحن کي پنهنجا پيغام جاري ڪندو رهي ٿو.

Bookmark the permalink.