تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ارطغرل جي حليمه جو هانيا عامر تي به اثر ٿي ويو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا هانيا عامر به ترڪش ڊرامي ارطغرل غازي جي مداح ٿي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي هن چيو آهي ته هو به حليمه سلطان جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ترڪي جو تاريخي ڊرامو ارطغرل غازي پاڪستان ۾ پسنديده ڊرامو بڻيل آهي. هانيا عامر تازو ڊرامو ڏسڻ شروع ڪيو آهي ۽ هو به هيروئن حليمه سلطان جي پرستار بڻجي وئي آهي. هن پاڻ به حليمه سلطان جو ڪردار اختيار ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. هن انسٽاگرام تي لکيو ته جيڪڏهن اوهان مون کي مختلف انداز ۾ اداڪاري ڪندي ڏسندا ته يقينن ان پٺيان ڪنهن ڪردار جو مون تي اثر هوندو.

Bookmark the permalink.