تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ارسا ميمبرن کي هٽائڻ سٺو قدم آهي، پوڙهن جي ضرورت ناهي: واوڊا

ارسا جي پوڙهن ميمبرن جي ڪري ٽيليميٽري سسٽم لاءِ رقم به نه ملي سگهي

اسلام آباد: پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته ارسا ميمبرن کي گهٽائي صحيح ڪم ڪيو آهي، ملڪ کي پوڙهن جي ضرورت ناهي. واپڊا ريسٽ هائوس اسلام آباد ۾ چيئرمين واپڊا مزمل حسين ۽ چيني سفير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم تي تعميراتي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، گذريل 50 سالن کان ان منصوبي تي اپوزيشن پارٽيون صرف افتتاح ڪنديون رهيون پر ان جي بجيٽ بابت ڪي به عملي تياريون نه ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته داسو ۽ مهمند ڊيم جي تعمير لاءِ به موجوده حڪومت عملي اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن. ديا مير ڀاشا ڊيم جي ڀرپاسي وارن علائقن جي فلاح بهبود لاءِ 78 ارب رپيا خرچ ٿيندا، ايندڙ مالي سال واري بجيٽ ۾ پاور سيڪٽر لاءِ خصوصي طور تي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ٽيلي ميٽري سسٽم واري معاملي تي ارسا ميمبرن کي هٽائي صحيح ڪم ڪيو آهي، انهن جي ڪري دريائن ۾ پاڻي وهڪرن جو ڪاٿو لڳائڻ واري ٽيلي ميٽري سسٽم لاءِ عالمي مالياتي ادارن کان ملندڙ رقم نه ملي سگهي ان جو سبب ارسا ۾ ويٺل اهي رٽائرڊ وڏي عمر جا ميمبر آهن جن کي هن وقت رٽائر ٿي پنهنجي ڏوهٽن پوٽن سان رانديون کيڏڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته وڏي عمر جي ماڻهن جو نوڪري تي هجڻ سبب پاڪستان جي نوجوانن جو حق مارجي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ نئون ٽيلنٽ سامهون اچي، ضروري ناهي ته وڏي عمر جي ماڻهن کي نوڪرين تي رٽائرمينٽ کانپوءِ به رکڻ گهرجي، فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته کنڊ ۽ اٽي واري ڪميشن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڏي پيماني تي سياسي ميدان ۾ ٻهارو لڳي ويندو، رپورٽ اچڻ کانپوءِ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو ڪو ماڻهو يا وري ڪو ٻيو شخص هوندو، ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو ڪنهن جي پيءَ کي به طاقت نه آهي ته هو کائي سگهي، ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو. 

Bookmark the permalink.