تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ارسا به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ زيان قرار ڏئي ڇڏيو، ٿل ڪينال فيز 2 تي سنڌ جا اعتراض رد

تڪراري گريٽر ٿل ڪينال جي فيز 2 ۽ 3 تي وفاقي حڪومت پاران پنجاب جي موقف جي حمايت، اعتراض بي بنياد قرار

پنجاب پاران سنڌ مٿان وهڪرا گهٽ ڏيکارڻ جو الزام، چون ٿا نارا ۾ 21 هزار ڪيوسڪ ويو ان جي گنجائش 14 هزار آهي: سنڌ

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ جي پاڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان پوءِ ارسا به ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي کي زيان قرار ڏيندي هر سال 29 ارب ڊالرن جي ماليت جو 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، تڪراري گريٽر ٿل ڪينال جي فيز 2 ۽ 3 جي منصوبن تي سنڌ پاران اعتراض واريو جنهن کي پنجاب توڙي وفاقي حڪومت بي بنياد قرار ڏئي رد ڪيو ويو آهي، سينيٽ جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس يوسف باديني جي صدارت ۾ ٿيو، 991ع ٺاهه تحت پاڻي ورڇ بابت پنجاب جي مقرر ميمبر رائو ارشاد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي، هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي معاشي قيمت هڪ ارب ڊالر آهي، هن چيو ته پاڻي موجودگي ۾ اضافو رڳو ملڪ اندر ڊيم ٺاهي ڪري سگهجي ٿو، هر سال مجموعي طور تي 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو، جنهن جي قيمت 19 ارب ڊالر ٿئي ٿي، اهو پاڻي اسان ڊيم ٺاهي گڏ ڪيون ته وڌيڪ زمينون آباد ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته 2025ع تائين في ڪس پاڻي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، اها گهٽتائي ان ڪري نه ايندي ته پاڻي جي آمد گهٽ ٿي رهي آهي پر اها گهٽتائي آبادي ۾ اضافي ڪري ايندي، هر سال 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ ڇڏي ضايع ڪندا رهنداسين ته بکيا مرنداسين. جيستائين ڊيم نه ٺهندا بکيا مرنداسين. هن انڪشاف ڪيو ته ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ جو ٺيڪو پنجاب حڪومت جي چوڻ تي رد ڪيو ويو، هاڻي نئين سر بڊنگ ڪئي ويندي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته پنجاب صوبي جي چوڻ تي ٺيڪو رد ڪيو ويو، اها ڪمپني پنجاب ۾ ته ڪم ڪري رهي آهي، اتي ته کيس بليڪ لسٽ ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته پاڻي استعمال ڪرڻ جو فائدو وٺندڙ صوبا ئي ٽيليميٽري سسٽم ۾ رڪاوٽ آهن، ڪاميٽي سفارش ڪري ٿي ته ٽيليميٽري سسٽم تڪڙي بنيادن تي لڳايو وڃي ۽ سنڌ جي اسپيشل آبپاشي سيڪريٽري اسلم انصاري چيو ته پنجاب پاران گريٽر ٿل ڪينال جي فيز ون ۽ ٽو جي صورت ۾ ريماڊلنگ تي سنڌ کي اعتراص آهن، ان سان سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيندا، پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي پورو کڻي رهيو آهي، اگر گريٽر ٿل ڪينال ۾ ايترو وڌيڪ پاڻي کڻندو ته پنجاب ٻڌائي ته اوترو پاڻي ڪٿان گهٽ ڪندو، جنهن تي پنجاب جي آبپاشي اختيارين چيو ته گريٽر ٿل ڪينال جو پاڻي 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ منظور ٿيل آهي، جيڪو پاڻي استعمال ڪنداسين ته ان جي اسان ٻئي هنڌ مرحليوار ايڊجسٽمينٽ ڪنداسين، گريٽر ٿل ڪينال جي توسيع جي منصوبي تي سنڌ جون شڪايتون قطعي طور بي بنياد آهن، پنجاب صوبي جي موقف جي پاڻي مامرن جي وفاقي سيڪريٽري محمد اشرف به حمايت ڪئي. پاڻي ورڇ تي هر صوبو آخري حد تائين وڃي سگهي ٿو، پنجاب مطالبو ڪيو ته جيستائين بيراجن تي ٽيليميٽري سسٽم نه ٿو لڳي تيستائين ارسا بيراجن تي انسپيڪٽر مقرر ڪري، سنڌ پاڻي جا وهڪرا گهٽ ٻڌائيندي آهي. پاڻي گهٽ ظاهر ڪرڻ وارن الزامن جو جواب ڏيندي سنڌ جي اسپيشل سيڪريٽري اسلم انصاري چيو ته اگر ڪنهن جو مقصد ئي ڪنهن تي ڪيس ٺاهڻ هجي ته ان کي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، نارا ڪينال ۾ 21 هزار ڪيوسڪس پاڻي جي ڳالهه ڪئي وئي پر ان ۾ ته 14 هزار ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي نه ٿو کڻي سگهي،هن چيو ته ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪرڻ تي اسان کي اعتراض آهي جيڪو سنڌ سي سي آءِ ۾ به ڪيو.

Bookmark the permalink.