تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

اردن ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ سانحو: زرعي زمين تي گهر کي باهه لڳڻ سبب 7ٻارن سوڌو ڪڪڙ واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 13 ڄڻا اجل جو شڪار

واقعو ڪرامي واري علائقي ۾ پيش آيو، 70ع کان ترسيل علي شير جويو جو ڪٽنب زد ۾ اچي ويو

فوتين ۾ 7 ٻار، 4 عورتون ۽ 2 مرد شامل، اطلاع بعد ڪڪڙ جي جويا پاڙي ۾ سوڳ پکڙجي ويو

اردن/ڪڪڙ(نيوز ڊيسڪ/ن پ ا) اردن ۾ زرعي زمين تي گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 7ٻارن سميت ڪڪڙ واسي 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، پرڏيهي وزارت به تصديق ڪري ڇڏي. رائيٽرز موجب ادرن جي شهري دفاع واري کاتي موجب نجي فارمز ۾ هزارين پرڏيهي ٽين سان ٺهيل گهرن ۾ ترسيل آهن، پرڏيهي خابرو اداري موجب اردن جي علائقي ڪرامي ۾ هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 پاڪستاني خاندان اجل جو شڪار ٿي ويا. چيو پيو وڃي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته باهه واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جو تعلق دادو ضلعي ۽ هڪ ئي خاندان سان آهي، فوتين ۾ 7 ٻار، 4 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته علي شير جويو ۽ سندس خاندان 1970ع کان اردن ۾ ترسيل هو، سانحي ۾ علي شير جويو محفوظ رهيو. باهه سانحي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ علي شير جويو جي گهرواري، هڪ پٽ، هڪ نياڻي، شريف جويو، محمد جويو، بچي ويل رزاق جويو جي گھرواري ۽ سندس 2 پٽ عمر جويو، ھڪ سال جو احمد جويو ۽ ھڪ نياڻي حنيفان، نينگري حفيظان، دفعالا، چئن سالن جي خديجه ۽ ٽن سالن جو محمد به شامل آهن. اردن ۾ موجود علي شير جويو ڪڪڙ ۾ رھندڙ پنھنجي سالي ايڊووڪيٽ نويد علي جويو ۽ عبدالمجيد جويو کي واقعي بابت آگاھ ڪيو، جنھن کانپوءِ جويا برادري ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي ۽ جويا پاڙي ۾ تڏو وڇايو ويو آھي. رابطو ڪرڻ تي ڪائونسلر ايڊووڪيٽ نويد جويو چيو ته منھنجو ڀيڻيو علي شير جويو ۽ سندس خاندان گذريل پنجاھ کان سٺ سالن کان اردن ۾ رھندڙ ھئا ۽ علائقي مزدوري ٺيڪيداري جو ڪم ڪندا ھئا، معلوم ڪيم ته گھر کي اوچتو باھ لڳي، جنهن سبب گھر ۾ پيل ٽي کان چار گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيا، باھ سموري گھر کي وڪوڙي وئي، جنھن ۾ اسان جي خاندان جا 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي فوت ٿي ويا. اتان جي انتظاميه واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.