تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

اربن اينڊ ريجنل ماسٽر پلان اٿارٽي جوڙڻ ۽ 382 خطرناڪ عمارتن جي بحالي جو فيصلو

اجلاس ۾ ماسٽر پلان وارو شعبو بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان الڳ ڪرڻ تي اتفاق

نئين اٿارٽي لاءِ قانونسازي به ٿيندي(مڪاني کاتو): ڊرافٽ کي جائزي لاءِ موڪليو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران شهرن جي ماسٽر پلان وارو شعبو بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان الڳ ڪري سنڌ اربن اينڊ ريجنل ماسٽر پلان اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ 382 خطرناڪ عمارتن ۾رهندڙ ماڻهن کي متبادل فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪالهه چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت هيٺ ڪراچي ماسٽر پلان بابت اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ۾ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سنڌ اربن اينڊ ريجنل ماسٽر پلان اٿارٽي تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ماسٽر پلان کي ايس بي ايس اي کان الڳ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي، سنڌ اربن اينڊ ريجنل ماسٽر پلان اٿارٽي 2020ع جو ڊرافٽ قانون واري کاتي کي جائزي لاءِ موڪليو ويوآهي. اجلاس ۾چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاھ مڪاني کاتي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سنڌ اربن اينڊ ريجنل ماسٽر پلان اٿارٽي 2020 جو ڊرافٽ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پڻ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي چيو ته ڪراچي جي اولڊ ايريا ۾ غير قانوني طور تي بلڊنگون ٺاهيون پيون وڃن. شروعات ۾ عمارتن کي گرائونڊ پلس ون منظور ڪرايو ويندو آهي، بعد ۾ 5 ماڙ پلازا اڏجي وڃي ٿو، جيئن ٽمبر مارڪيٽ ۾ تازو عمارت ڪرڻ جو واقعو ٿيو، انهي باوجود غير قانوني عمارتون ٺاهيون پيون وڃن. جڏهن ته اهڙين عمارتن ڊهڻ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهون بي گھر ٿي وڃن ٿا، اجلاس ۾ ايس بي سي اي جي ڊي جي چيو ته ٽمبر مارڪيٽ جي عمارت کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو هو پر ماڻهو بلڊنگ خالي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. شهر جي اولڊ ايريا ۾ اڄ به 382 عمارتون خطرناڪ آهن، جنهن لاءِ اخبارن ۾ اشتهار به ڏنا ويا آهن. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ چيو ته شهر ۾ ٺهندڙ غير قانوني عمارتن جي بلڊرز خلاف قدم کنيو وڃي. هن ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي، جيڪا 382 خطرناڪ عمارتن جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪندي، جڏهن ته انهن عمارتن ۾ رهندڙن جي بحالي لاءِ پڻ پلان جوڙيندي.



Bookmark the permalink.