تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ادب ۽ ٻولين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڊجيٽلائيز ڪرڻو پوندو: سردار شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ثقافت کاتي ڊجيٽل لائبريري جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پٿم ۾ لائبريري ويب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته ثقافت کاتي پاران تازو قائم ڪيل اداري “عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ” پاران پهريون سنگ ميل ڪاميابيءَ سان حاصل ڪيو ويو آهي، پوريءَ دنيا جي شاگردن ۽ محققن لاءِ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ ڪتابن ، تحقيقي مقالن ۽ آرٽيڪلز تائين رسائي ڏيندڙ ڊجيٽل لائبرريءَ جوڙي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن لائبريريءَ ۾ اسان جي کاتي کانسواءِ جيترا به ڪتاب يا لغتون ڊجيٽل ميڊيا تي موجود آهن، انهن کي ڊجيٽل لائبريريءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، دنيا جي ٻين ادارن کي اسان پنهنجن ڪتابن تائين رسائي ڏني آهي، جڏهن ته انهن وري اسان کي پنهنجن ڪتابن تائين رسائي ڏني آهي، اسان سندن اَي پِي آئيز ذريعي پنهنجي ويب پورٽل تي ويٺي بيشمار ڪتابن تائين پهچي سگهون ٿا هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ ٻوليون يا ادب رڳو ڪاغذ تي محفوظ رهي نه سگهندو، جديد دور جي گهرج موجب انهن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.