تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

اداڪاري باوجود شادي لاءِ ساهرن جي شرط تي نوڪري ڪرڻي پئي: نعمان اعجاز

ماڻهو اداڪار سان هٿ ملائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا پر رشتيداري ۾ ڏکيو قبول ڪن ٿا

ماڻهو اداڪاري کي هڪ پيشي جي طور تي نٿا سمجهن، شادي لاءِ مونکي نوڪري ڳولڻي پئي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪار نعمان اعجاز چيو آهي ته اداڪاري جي باوجود شادي جي لاءِ ساهرن جي شرط تي نوڪري ڪرڻي پئي. اداڪاره ثمينه پيرزاده کي ڏنل انٽرويو ۾ نعمان اعجاز چيو آهي ته مون کي ساهرن کي مڃرائڻ لاءِ ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اهو الميو  به چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو هڪ اداڪار سان هٿ ملائڻ ۽ ان سان گڏ ماني کائڻ تي ته فخر ڪندا آهن پر ان سان رشتيداري ڪافي مشڪل مرحلن مان گذري پوءِ قبول ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ماڻهو سوچين ٿا ته ڇوڪرو اداڪار آهي پر ڪري ڇا ٿو. نعمان اعجاز چيو ته ماڻهو اداڪاري کي هڪ پيشي جي طور تي نٿا مڃين. شادي جي لاءِ مون کي نوڪري به ڳولڻي پئي. ڇو ته منهنجي ساهرن شرط رکي هئي ته جيستائين ڪابه نوڪري يا ڪم نه ڪندي تنهنجي شادي نه ٿيندي. نعمان اعجاز ٻڌايو ته مان نوڪري ان وقت ڳولي رهيو هئس جڏهن دشت جي نالي سان ڊرامو ڪافي ڪامياب ٿيو هو. ماڻهو مون کي سڃاڻيندا هئا ۽ مان ٿري سوٽ پائي انهن کان نوڪري گهري رهيو هئس. هن چيو ته آئون جن ماڻهن کي نوڪري لاءِ چوندو هئس اهي نوڪري جون ڳالهيون ڇڏي مون کان پنهنجي ٻارن جي لاءِ آٽو گراف گهرندا هئا ۽ چوندا هئا ته اوهان ته سپر اسٽار آهيو اوهان کي نوڪري جي ڪهڙي ضرورت آهي.



Bookmark the permalink.