تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

اداڪارا پنهنجي وڪيل معرفت اعليٰ عدليه ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

درخواست ۾ سوشانت سنگهه جي پيءُ طرفان لڳايل الزامن جي ترديد

سوشانت سنگهه سان هڪ سال کان لاڳاپا هئا: ريا چڪربورتي جو اعتراف

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) گذريل مهيني جون ۾ آپگهات ڪندڙ اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت جي گهرڀاتين ۽ اداڪار جي اڳوڻي گرل فرينڊ ريا چڪبورتي ۾ جهيڙي نئين صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي ۽ اداڪارا پنهنجي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. ٻه ڏينهن اڳ سوشانت سنگهه راجپوت جي پيءُ پنهنجي پٽ جي اڳوڻي گل فرينڊ اداڪارا ريا چڪربورتي خلاف رياست بهار جي هڪ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ريا چڪربورتي 30 جولاءِ تي وڪيل ستيش مندي معرفت اعليٰ عدليه ۾ درخواست داخل ڪندي سوشانت سنگهه جي پيءُ طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. اداڪارا سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ اعتراف ڪيو ته هو سوشانت سنگهه راجپوت سان لو ان رليشن شپ ۾ هئي ۽ اهو هڪ سال کان هلي رهيو هو. لو ان رليشن شپ ڀارت ۾ قانوني آهي ۽ بالغ عورت ۽ مرد لاڳاپا رکي سگهن ٿا.

Bookmark the permalink.