تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

اداڪارا ماهرا خان گڏيل قومن جي خير سگالي سفير مقرر

ڪراچي (شوبز نيوز) گڏيل قومن جي مهاجرن بابت ذيلي اداري يونائيٽڊ نيشنز هاءِ ڪمشنر فار رفيوجيز (يو اين ايچ سي آر) سپر اسٽار اداڪارا ماهرا خان کي پنهنجو خير سگالي سفير مقرر ڪري ڇڏيو. يو اين ايچ سي آر پنهنجي ٽوئٽ ذريعي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ماهرا خان کي خير سگالي سفير جون ذميواريون ڏنيون ويون. تنظيم خوشي جو اظهار به ڪيو ۽ اها اميد ظاهر ڪئي ته اداڪارا اداري جو مقصد سٺي انداز ۾ پيش ڪندي. ماهرا خان به يو اين ايچ سي آر جو ٽوئٽ شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن جي ذيلي اداري کيس ذميواريون ڏنيون. ماهرا ان ڳالهه تي به فخر جو اظهار ڪيو ته هو هڪ اهڙي ملڪ ۾ پيدا ٿي جيڪو گذريل 40 سالن کان سڄي دنيا جي مهاجرن جي مهمان نوازي ڪري رهيو آهي. اداڪارا مختصور وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پاڪستان ۾ موجود افغانستان سميت ٻين ملڪن جي مهاجرين سان سٺو وقت گذاريندي نظر اچي رهي آهي. ماهرا خان پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ گڏيل قومن جي مهاجرن بابت اداري جي ڪم جي به ساراهه ڪئي. ماهرا خان کي خير سگالي سفير مقرر ڪرڻ جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ گڏيل قومن جي اسسٽنٽ ڪمشنر آپريشن کيس ڊگري ڏني. ياد رهي ته اداڪارا مهاجرن ۽ انساني حقن بابت کليل نموني ڳالهائيندي آئي آهي ۽ عورتن جي حقن لاءِ به سرگرم نظر ايندي آهي.

Bookmark the permalink.