تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

اداڪارا ايمان سليمان سيد جميل حيدر سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا ايمان سليمان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. فلم زندگي تماشا ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مادل ۽ اداڪارا ايمان سليمان سيد جميل حيدر رضوي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. ٻنهي جي نڪاح جي تقريب گذريل ڏينهن سادگي سان منعقد ٿي. ايمان سليمان ۽ جميل رضوي نڪاح جون تصويرون پنهنجي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪري شادي جي خوشخبري مداحن سان شيئر ڪئي. ايمان تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اسان ٻئي هاڻي محرم آهيون. واضح رهي ته ايمان سليمان 2017ع ۾ ماڊلنگ جي دنيا ۾ پير رکيو هو جڏهن ته گذريل سال هن ان وقت شهرت ماڻي جڏهن هن مي ٽو مهم جي حمايت ڪندي لڪس اسٽائيل ايوارڊز جو بائيڪاٽ ڪيو هو. هن چيو هو ته هو ڪنهن اهڙي شخص سان نامزد نه ٿيڻ چاهيندي جنهن تي ڪنهن عورت سان جنسي هراساني جو الزام هجي.

Bookmark the permalink.