تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ادارا تباهه ڪرڻ ۾ سياستدانن جو هٿ آهي،ن ليگ ۽ پ پ هر اداري کي نقصان پهچايو، پي آءِ اَي ۾ مشاهد الله جَي ڊرامن جِي سڀ کي خبر آهي: پي ٽي آءِ

پي ٽي آءِ کي ميرٽ جو نظام آڻڻ لاءِ مينڊيٽ مليو آهي: وفاقي وزير علي زيدي، شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر جي گڏيل پريس ڪانفرنس

هِي پراڻي حڪومت ناهي، جتي هڪ وڏو وزير چوندو هو ته ڊگري ته، ڊگري هوندي آهي: وفاقي وزير علي زيدي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽر) وفاقي وزير علي زيدي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪئي. وفاقي وزير علي زيدي نون ليگ ۽ پ پ تي تنقيد ڪندي چيو ته ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ سياستدانن جو وڏو هٿ آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي هر اداري کي نقصان پهچايو، پي آءِ اَي ۾ مشاهد الله جَي ڊرامن جِي سڀني کي خبر آهي، هُن پي آءِ اَي ۾ هر هنڌ پنهنجا مائٽ ڀرتي ڪرايا. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته هِي پراڻي حڪومت ناهي، جتي هڪ وڏو وزير چوندو هو ته ڊگري ته، ڊگري هوندي آهي، 236 پائليٽس جَي لائسنس ۾ بي ضابطگيون سامهون اچڻ بعد کين فوري گرائونڊ ڪيو ويو. هن چيو ته انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ سول ايويئيشن اٿارٽي ٻيهر عالمي سطح تي مڃتا ماڻِي وٺندي،پورٽ قاسم جِي 2008 کان آڊٽ ناهي ٿي، هاڻي اسان آڊٽ ڪرائي رهيا آهيون. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پي آءِ اي جي ڪريل ساک کي بحال ڪيو ويندو، هن وقت جيڪي پائليٽس جهاز اڏائي رهيا آهن اهي اسڪروٽني جي مرحلي مان گذري چڪا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ميرٽ جو نظام آڻڻ لاءِ مينڊيٽ مليو آهي، هن حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي خاندان جو ڪو به ماڻهو ڪابينا ۾ ناهي. شهزاد اڪبر چيو ته 2018 ۾ جيڪو ملڪ جو وزيراعظم هئو ، اُهو نِجي ايئرلائين جو چيف ايگزيٽو به هئو. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي سليمان شهباز سان ملاقات جي 36 ڪلاڪن ۾ 20 ارب روپين جي سبسڊي ڏني، 10 سالن ۾ پي آءِ اي تباهه ٿي وئي ۽ ذاتي ڪاروبار ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.