تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

احمدپور ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس زيادتين خلاف مظاهرو

احمدپور( ن پ ا ) ڳوٺ جلال الدين مڱڻيجو جي عورتن ۽ ٻارڙن گلوسيال ٿاڻي جي ايس ايچ او جي زيادتين خلاف بيگم مڱڻيجو، مريم مڱڻيجو ۽ نصيبان مڱڻيجو احتجاجي مظاهرو ڪيو، عورتن جو چوڻ هوته گلوسيال پوليس مهيني ۾ 3 ڀيرا گھرن تي چڙهايون ڪري ڦرلٽ بعد 8 ڄڻن مٿان مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن چيو ته پوليس پيرسن شهمير مڱڻيجو کي بيگناھ رستي مان کنڀي 2 ڏينهن ناحق بند رکيو، ايس ايڇ او خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن کانپوءِ ايس ايچ او گلوسيال منظور جھتيال رڻ ٻاري ڏنو آهي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي

Bookmark the permalink.