تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

اجي ديوگن کي شاديءَ جي تڪڙ هئي: ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪاجول پنهنجي شاديءَ بابت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته سندس مڙس ۽ بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن کي شاديءَ جي ايتري جلدي هئي جو هن “ڦيرن” دوران ئي پنڊت کي جلدي ڪرڻ جي لاءِ رشوت ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. پنهنجي تازي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ڪاجول پنهنجي ۽ اجي ديوگن جي شاديءَ کان اڳ ڊيٽنگ ۽ شادي کان پوءِ جي دلچسپ ڪهاڻيون شيئر ڪيون. ڪاجول جو چوڻ هو ته هن اجي ديوگن کي پهريون ڀيرو 1995ع ۾ فلم هلچل جي سيٽ تي ڏٺو هو. هن ٻڌايو ته جڏهن مان سيٽ تي پهتيس ته مون عام انداز ۾ پڇيو هو ته “منهنجو هيرو ڪٿي آهي؟” اتي موجود ماڻهن مون طرف عجيب انداز ۾ ڏٺو ۽ اجي طرف اشارو ڪيو جيڪو اتي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو هو. ان سيٽ تان اجي ۽ ڪاجول جي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي جيڪا جلد ئي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. فلم هلچل کان پوءِ ڪاجول ۽ اجي ديوگن ٻين فلمن ۾ به گڏ ڪم ڪيو جن ۾ “راجو چاچا، پيار تو هونا هي تها، عشق، دل ڪيا ڪري” ۽ ٻيون شامل آهن. ان پوسٽ ۾ ڪاجول وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ ۽ اجي ديوگن شاديءَ کان اڳ چئن سالن تائين گڏ رهيا.

جنهن دوران انهن جو گھڻو ڪري وقت گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي گذرندو هو. انهن ڏينهن دوران اجي جوهو ۾ رهندو هو ۽ مان ڏکڻ ممبئيءَ ۾ ان جي ڪري اسان جو رشتو جوڙڻ ۾ گاڏيءَ جي عمل دخل کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. ڪاجول جو چوڻ هو ته جڏهن اسان دوستيءَ کي شاديءَ ۾ بدلائڻ جو فيصلو ڪيو ته اجي ديوگن جي گھر وارا ته ناراض هئا پر منهنجي پيءُ 4 ڏينهن تائين مون کان ناراض رهيو. هو چاهي پيو ته مان پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيان پر منهنجي ضد جي اڳيان هو به جلد راضي ٿي ويو.



Bookmark the permalink.