تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اثاثا ڪيس: اسپيڪر دراني ۽گهر ڀاتين جي ضمانت ۾ 5 آڪٽوبر تائين واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ آغا سراج دراني ۽ سندس گهرڀاتين جي عبوري ضمانت ۾ 5 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني جو پٽ آغا شهباز عدالت ۾پيش ٿيو، عدالت آغا سراج دراني جي گهر ڀاتين جون درخواستون چيف جسٽس کي اماڻي ڇڏيون، عدالت چيو ته اسپيشل بينچ جوڙڻ بعد درخواستن کي باقاعده ٻڌو ويندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Bookmark the permalink.