تازا ترين
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا، وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ

عدل خيل ۾ 4 ۽ مهمند واري علائقي ۾ ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو

آپريشن واري هنڌ تان ڀارتي دوائون پڻ هٿ ڪيون آهن: آءِ ايس پي آر

اتر وزيرستان(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورس آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. عدل خيل واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگردن مارجي ويا، جڏهن ته مهمند واري علائقي ۾ 3 دهشتگردن کي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويلن دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ٻيو ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن واري هنڌ تان ڀارتي دوائون پڻ هٿ آيون آهن.

Bookmark the permalink.