تازا ترين
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

اتر سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل ساريون پاپڙ ٿي ويون، چائنيز ڪمپنين جو ڄاڻايل ٻج گولاڙچي ۾ تيار ٿيڻ جو انڪشاف

ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل هائبرڊ سارين جو فصل نسرندي ئي پاپڙ ٿي ويو

هائبرڊ ڪمپنين طرفان ٻه ڪلو ٻج جي ٿيلهي 2500 رپين تائين وڪرو ڪرڻ وقت في ايڪڙ پيداوار 120مڻ اپت ڏيڻ واريون دعوائون ڌوڙ

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي ): اتر سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل سارين جي غيرمعياري هائبرڊ ٻج سبب لکين ايڪڙ سارين جو فصل پاپڙ ٿي ويو. ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان. هائبرڊ ڪمپنين طرفان ٻه ڪلو ٻج جي ٿيلهي 2500 تائين وڪرو ڪرڻ وقت في ايڪڙ تي 120مڻ جي اپت ڏيڻ واريون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون. في ايڪڙ پنج مڻ اپت به مشڪل ٿي وئي. آبادگار آڙتين جا قرضي بڻجي ويا. هائبرڊ ڪمپنن وارا گرمي پد جو بهانو ڄاڻائي گم ٿي ويا. سارين جو هائبرڊ ٻج چين بدران ضلع بدين جي گولاڙچيءَ واري علائقي ۾ تيار ٿيڻ جو انڪشاف، آبادگارن پاران ڪمپنين خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان. خبر موجب اتر سنڌ جي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ پوکيل هائبرڊ سارين فصل نسرندي ئي پاپڙ ٿي ويو. آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب ڄاڻ ملي آھي ته ڪجهه سالن کان وٺي اتر سنڌ جي ضلعن سارين جي فصل ۾ چائنا کان متارف ڪرايل هائبرڊ ٻج پوکڻ شروع ٿيو آھي. سارين جو هائبرڊ ٻج جيڪو ڪجهه سال اڳ ته سٺي پيدوار ڏيندڙ ٻج هو پر گذريل ٻن سالن کان وٺي هائبرڊ ٻج آبادگارن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آھن. گذريل سال جڏهن آبادگارن جو وڏو نقصان ٿيو ته ان وقت هائبرڊ ڪمپنين وارن طرفان چيو ويو ته گرمي پد گهڻي هجڻ ڪري قدرتي نقصان ٿيو آھي پر هيل سال جڏهن سارين جو فصل تيار ٿيو آھي ته رڳو خالي ٻوٽا بيٺل آھن جيڪي پاپڙ ٿيل آھن. هائبرڊ ڪمپنن طرفان في ايڪڙ تي 120 مڻ پيدوار ڏيڻ جي گارنٽي لکي ويندي آھي پر هن سال في ايڪڙ پنج مڻ به اپت نه پيو ڏئي. ان سلسلي ۾ ڪنڌڪوٽ جي آبادگارن هدايت علي اوڳاهي،گيلو جعفري، ربنواز جعفري، نواز جعفري، احمد بنگوار ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته في ايڪڙ ٽي کان چار مڻ اپت پيو ڏئي. هنن انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هائبرڊ ڪمپنيون چائنا کان ٻج نٿيون گهرائين. هنن چيو ته هڪ وڏي ڪمپني گارڊ هائبرڊ جنهن جي ورائٽي نمبر 50 گارڊ جيڪو اسان پوکيون ٿا ۽ اسان کي چائنا جو ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو اهو گارڊ 50 بدين ضلعي جي گولاڙچي ۽ ڪڙيو گنهور شهرن ۾ تيار ٿئي ٿو. هنن چيو ته اسان کي 50 گارڊ هائبرڊ جي ٻه ڪلو واري ٿيلهي 2400 کان 3 هزار تائين ڏني وڃي ٿي. 3 ٿيلهيون في ايڪڙ لاءِ پوکيون ٿا. اسان جو ٻيو خرچ ته نه لٿو آھي پر ٻج جو خرچ به ناهي لٿو. آبادگارن ٻڌايو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ آبادگارن جو اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي. اسان ڪمپني وارن سان رابطو ڪريون ٿا ته هو اسان سان ڳالهائڻ لاء به تيار ناهن. آبادگارن جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت ۽ ايگريڪلچر پاران شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيڪو غير معياري ٻج ڏنو ويو آھي، اهڙين ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.