تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

آڊيو کانپوءِ وڊيو ڪال وسيلي اغوا: ڌاڙيلن عورتون “ڀرتي ڪري” ڇڏيون

ماڻهن کي وڊيو ڪال ڪرڻ لاءِ حصي پتي جي بنياد تي عورتون رکيل

شڪارپور: ڊجيٽل سهولتن سبب ڪچي جي اڻپڙهيل ڌاڙيلن اغوا جا نوان انداز اپنائي ورتا آهن. عورتاڻي آواز جي پڪ ڏيارڻخاطر هاڻي وڊيو ڪال تي عورتن جا انداز ڏيکاري ماڻهو گهرائي اغوا ڪيا وڃن ٿا. وڊيو ڪال تي ماڻهن کي هرکائڻ خاطر پنجاب ۽ ٻين هنڌن تان مخصوص عورتن کي گهرائي ڀنگ جي ملندڙ رقم منجهان معاوضو ڏنو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٽولن وٽ يرغمال بڻيل سموار 12مغوي عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل آهن جيڪي سنڌ جي ٽنڊو الهيار ميرپورخاص شهرن کان ويندي ڪوئٽيا جي شهرن تائين واسطو رکن ٿا. پوليس ذريعن موجب عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ خلاف هلايل پوليس مهم بعد جڏهن ماڻهن ۾ سجاڳي آئي ته اهو فراڊ آهي ۽ ڇوڪرا عورتاڻي آواز تي ڳالهائي ماڻهو اغوا ڪن ٿا ته ڪچي جي ڌاڙيلن پنهنجي ڪرمنل سرگرمي ۾ نواڻ آڻيندي عورتن جا ٽولا گهرائي رکيا آهن جيڪي وڊيو ڪال تي ماڻهن کي هرکائي گهرائين ٿيون. پوليس ذريعن موجب وڊيو ڪال تي اهي عام طور کين ٻڌائين ٿيون ته اهي وڏن زميندارن جون ڌيئرون آهن پر سندن شادي نٿي ڪرائي وڃي تنهن ڪري مڙس جي تلاش ۾ آهن. پوليس ذريعن موجب کين جيڪڏهن ڪا سڻڀي آسامي سجهي ٿي ته اهي کيس يقين ڏيارڻ خاطر 5-5 هزار ايزي پئسا ڪري موڪلين ٿيون جنهن بعد ان مرد کي يقين ٿي وڃي ٿو ته هي لالچي عورت ناهي پر واقعي به امير آهي.

Bookmark the permalink.