تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آمنه الياس ۽ داور محمود پاران شاديءَ بابت خبرن تي وضاحت

اداڪارا آمنه الياس ۽ داور محمود سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪري شادي جي ترديد ڪئي

ڪراچي: (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جلد ئي اسٽيج تي پاڪستان ٽيليوزن(پي ٽي وي) جي مشهور ڊرامي ”ان ڪهي) کي ٿيٽر تي پيش ڪندڙ اداڪاره آمنه الياس ۽ اداڪار داور محمود جي حوالي سان خبرون هيون ته هنن شادي ڪري ڇڏي آهي. هڪ هفتو اڳ ميڊيا ۾ آيل خبرن ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته ٻنهي اداڪارن سادگي سان نڪاح ڪري ڇڏيو آهي. خبر ۾ ٻنهي جو ڪو حوالو ڏيڻ بغير ان جي ويجهي ذريعن ٻڌايو هو ته ڪورونا سبب ٻنهي سادگي سان نڪاح کي ترجيح ڏني. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خبرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته نڪاح سان گڏ آمنه الياس جي رخصتي به ٿي وئي پر اهڙين خبرن کانپوءِ ٻنهي ان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. آمنه الياس جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٻنهي هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻئي پنهنجي شادي جي افواهن تي ڳالهائين ٿا. وڊيو ۾ داور محمود شادي جون خبرون پکيڙيندڙ ماڻهن تي ڪاوڙ ڪئي. آمنه الياس ان موقعي تي انڪشاف ڪيو ته داور محمود جون ڪيتريون ئي گرل فرينڊز آهن جنهن سبب ان لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا هن دعويٰ ڪئي ته سندس ڪو به بواءِ فرينڊ ناهي. اداڪارا  وڊيو ۾ ماڻهن تي واضح ڪيو ته اهي افواه پکيڙڻ بند ڪن ۽ سندن ايندڙ ٿيٽر ڊرامو ان ڪهي ڏسن.

Bookmark the permalink.