تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

آمريڪي عورت سان دوستي هئي، 45 لک ناهن ورتا: گرفتار جوابدار

هڪ جوابدار گرفتار آهي، ٻئي کي به جلد سوگهو ڪبو: پوليس

ڪوٽڙي: پوليس پاران فراڊ ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار ريحان جو چوڻ آهي ته آمريڪي عورت سان منهنجي دوستي هئي ۽ هن کان ويب سائيٽس ۽ ٻئي ڊجيٽل ورڪ جي سلسلي ۾ ڪجھه پئسا ورتا هئا. هن چيو ته اهي پئسا 45 لک رپيا نه هئا، 45 لک رپيا وٺڻ واري ڳالھه ڪوڙي آهي، جيڪا عدالت ۾ به ثابت ڪندس.

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار ريحان کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جنهن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايچ او موجب وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي،

Bookmark the permalink.