تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

آمريڪا ۾ ڏيڍ سال جو نينگر 10 فوٽ ڊگهي نانگ، 56 ڪتن ۽ 521 ڪوئن سان گڏ واڙيل

ٽينيسي رياست جي هنري ڪائونٽي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻارڙي کي بازياب ڪرائي ٻاهر آندو

پوليس 17 بندوقون، ڀنگ جا 127 ٻوٽا به هٿ ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ ڪجهه ماڻهن ڏيڍ سال جي نينگر کي 10 فوٽ ڊگهي بووا نانگ ۽ 600 ٻين جانورن سان گڏ گهر جي پڃري ۾ قيد ڪري ڇڏيو. ٽينيسي رياست جي هنري ڪائونٽي ۾ پوليس هڪ گهر تي ڇاپو هڻي 18 مهينن جي هڪ ٻارڙي کي پڃري مان ڪڍي ورتو. پوليس 17 بندوقون، ڀنگ جا 127 ٻوٽا به هٿ ڪري ورتا، ٽن ڄڻن 46 ورهين جي ٽي جي برائون، 42 سالن جي هيدر اسڪار بروف ۽ 82 سالن جي چارلس برائون کي گرفتار ڪري ٻارڙي سان خراب سلوڪ، جانورن تي ظلم، هٿيار رکڻ ۽ منشيات ٺاهڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻارڙي وٽ ڪمبل به نه هو ۽ رڳو ڪجهه رانديڪا ڏنا ويا هئا. پڃري وٽ ڪوئن سان ڀريل 3 بالٽيون به رکيل هيون ۽ 3 فوٽ پري بووا ڪنسٽرڪٽر نانگ رکيل هو، ڪمري ۾ مجموعي طور تي 8 نانگ موجود هئا. سڄو گهر ڪيڙن سان ڀريل هو ڪجهه جانور مري ويا هئا. 86 ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون، 56 ڪتا، 10 سها، 4 طوطا، 3 ٻليون، هڪ مور، 521 ڪوئا، گيڪو ڪرڙي ۽ ٻيا جانور هٿ آيا.

Bookmark the permalink.