تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

آمريڪا ۾ هڪ جوڙي ويٽريس کي ٽپ ۾ نئين ڪار ڏئي ڇڏي!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ ترڪي جي هڪ جوڙي ٽپ ۾ ويٽر کي ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي. آمريڪا ۾ هڪ عورت ايڊرينا ايڊورڊز روزانو 11 ڪلوميٽر جو پيادل سفر چئن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري پنهنجي ڪم تي پهچندي آهي ۽ ٽيڪساس جي شهر هوسٽن ويجهو گيلوسٽن ۾ هڪ ڊينيس ريسٽورينٽ ۾ ويٽريس آهي. ايڊرينا ايڊورڊز جي خواهش هئي ته هو پيسا گڏ ڪري ڪار خريد ڪندي ته جيئن هو گهٽ وقت ۾ اهو فاصلو طئه ڪري ڪم تي پهچي سگهي. اڱاري ڏينهن ائين ٿيو جو سندس زندگي ئي تبديل ٿي وئي، هڪ اڻڄاتل جوڙو هوٽل ۾ ناشتي لاءِ آيو ۽ هن جوڙي کي ناشتو پيش ڪيو. جوڙي کي اها خبر پئي ته ويٽريس 11 ڪلوميٽر جو سفر پنڌ طئه ڪري هتي اچي ٿي ۽ ڪار خريد ڪرڻ لاءِ بچت به ڪري رهي آهي. ناشتو ڪرڻ کانپوءِ هي جوڙو جنهن جو واسطو ترڪي سان هو. هڪ ڪار ڊيلر وٽ ويو ۽ اتان 2011ع جو ماڊل نسان سينٽرا ڪار خريد ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ واپس هوٽل پهچي عورت ويٽر کي سرپرائيز ٽپ ڏيندي ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي. ويٽريس جو چوڻ هو ته مان بي حد خوش ۽ جوڙي جي ٿورائتي آهيان.

Bookmark the permalink.