تازا ترين
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

آمريڪا: سيلون کلندي ئي سخي همراهه هيئر اسٽائلسٽس کي مالامال ڪري ڇڏيو

لاڪ ڊائون جي خاتمي کانپوءِ آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ هيئر سيلون ٻيهر کلي ويون

همراهه وار ٺاهيندڙ عورت کي 2500، آجياڻو ڏيندڙ کي 500 ۽ مينيجر کي هزار ڊالر ڏئي ڇڏيا

ڊينور (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ سيلون کلندي ئي هيئر اسٽائلسٽ لکين رپين جي مالڪياڻي بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لاڪ ڊائون کانپوءِ آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ هيئر سيلون ٻيهر کلي ويون. ڊينور هيئر اسٽائل اسپيشلسٽ عورت ڪجهه ڪلاڪن ۾ لک پتي بڻجي وئي. ايليسا نووٽني هڪ ڪسٽمر جا وار ٺاهيا جڏهن ته گراهڪ کيس ٽپ ۾ اڍائي هزار ڊالر جي رقم ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته يونيورسٽي آف ڊينور ۾ فلائيڊ جي 99 دڪانن ۾ شفٽ وٺندڙ عورت ڪيترن ئي ڏينهن کان بيروزگار هئي. نوواني موجب هو پنهنجا بل ادا ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهي هئي. هن ٻڌايو ته هڪ عام شخص آيو جنهن وار ڪٽرائڻ عيوض وڏي رقم ادا ڪئي ۽ پڇڻ تي هن چيو ته هن رقم ڏيڻ ۾ ڪابه غلطي ناهي ڪئي. همراهه سيلون ۾ موجود جنرل مينيجر کي هڪ هزار ڊالر، آجياڻو ڏيندڙ کي 500 ڊالرز ۽ ٻين 18 هيئر اسٽالئسٽس کي 1800 ڊالرز ڏنا. فاڪس نيوز جي رپورٽ موجب ٽووٽني جو چوڻ هو ته مون کي ڪيترائي بل ادا ڪرڻا هئا جڏهن ته 2500ڊالر ڏيڻ تي مان هن گراهڪ جي ٿورائتي آهيان. گذريل ڪجهه مهينن کان بيروزگار هيس ۽ هي رقم منهنجي لاءِ معنيٰ رکي ٿي.

Bookmark the permalink.