تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

آمريڪا جا 2 جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا، رياستي قانونساز سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار

آمريڪي فيڊرل ايو ايشن ايڊمنسٽريشن طرفان جاچ جو ڪم شروع

نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪا جا ٻه جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا، رياستي قانوساز سميت ست ماڻهو اجل جو شڪار، آمريڪي رياست الاسڪا ۾ اڏام دوران 2 ننڍا جهاز پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا جنهن جي نتيجي ۾ رياستي قانوساز سميت 7 ماڻهو فوت ٿي ويا، آمريڪي ميڊيا موجب جهازن جو پاڻ ۾ تڪرائڻ جو واقعو سولڊونٽا شهر ۾ ايئرپورٽ جي ويجهو پيش آيو. ميڊيا رپورٽس موجب هڪ جهاز رياستي قانوساز گيري نوپ اڏائي رهيو هو جڏهن ته ٻئي جهاز ۾ 4 سياح، هڪ گائيڊ ۽ هڪ پائليٽ موجود هو. رپورٽ موجب حادثي جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو موقعي تي ئي مري ويا هئا، جڏهن ته هڪ ماڻهو اسپتال کڻي وڃڻ دوران زخمن جا تاب نه سهندي مري ويو. آمريڪا جي فيڊرل ايو ايشن ايڊمنسٽريشن واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.