تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

آغا خان اسپتال انتظاميا زمين خيراتي اداري جي حيثيت سان وٺڻ جو اعتراف ڪرڻ باوجود مريضن جو مفت علاج ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

ٻڌايو ته آغا خان فلاحي ادارو آهي يا نه؟ جسٽس محمد علي مظهر

توهان جي معاهدي ۾ ته لکيل آهي ڪاروبار نه ڪندئو: عدالت
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آغا خان اسپتال کي ڪاورباري بنيادن تي هلائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آغا خان اسپتال کي ڪاورباري بنيادن تي هلائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس محمد علي مظهر آغا خان اسپتال جي وڪيل کان پُڇيو ته توهان کي چيئرٽي لاءِ زمين ڏني وئي هئي، ڇا اُتي مفت علاج ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن مڪمل نه ته ڪجهه مستحقن کي رعايتون ڏيندا هوندا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اسان رعايت ڏيندا آهيون پر مفت ۾ علاج نٿا ڪري سگهون. عدالت پُڇاڻو ڪيو ته دل جي آپريشن ۾ مستحق مريضن کي ڪيتري ۽ ڪهڙي شرح جي حساب سان رعايت ڏيندا آهيو؟ جيڪڏهن ڪو نارمل ڪيس 10 لک رُپين جو آهي ته مستحق مريضن جو علاج ڪيتري ۾ ٿي سگهي ٿو؟ آغا خان اسپتال جو وڪيل جواب نه ڏئي سگهيو ۽ اُن لاءِ مهلت گهري ورتي. ٻڌڻيءَ دوران آغا خان اسپتال انتظاميا اڪائونٽس پاليسي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته آغا خان اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج حڪومت کان خيراتي اداري جي حيثيت سان زمين وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو. عدالت وڪيل تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته توهان هر هر مهلت وٺي هليا ويندا آهيو، ٻڌايو توهان جو ادارو فلاحي آهي يا نه؟ جسسٽس محمد علي مظهر وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي معاهدي ۾ لکيل آهي ته نفعي وارو ڪاروبار نه ڪندئو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آغا خان اسپتال وارا انتهائي مهانگي اگهه ۾ علاج ڪري رهيا آهن، اسپتال غريب ۽ مستحق مريضن جو مفت علاج ڪرڻ بدران ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسپتال هر مستحق ۽ غريب جو مفت علاج ڪرڻ جي پابند آهي. اسپتال کي ڪاروباري مقصدن تحت هلائڻ شرطن جي ڀڃڪڙي آهي.

Bookmark the permalink.