تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻو صدر ۽ پ پ جو ڪوچيئرمين آصف علي زرداري خانگي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو. آصف علي زرداري پنهنجي گهر کان اسپتال منتقل ٿيو، جتي ڊاڪٽرن پاران ابتدائي طور سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو هو، جڏهن ته اڄ سندس ٽيسٽون ڪرايون وينديون، آصف علي زرداري جي علاج لاءِ عدالت سندس ضمانت منظور ڪئي هئي، جنهن بعد آصف علي زرداري ڪراچي پهتو هو ۽ علاج لاءِ هو ڪلفٽن جي هڪ خانگي اسپتال پهتو، جتي کيس داخل ڪيو ويو آهي.



Bookmark the permalink.