تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم: فريال جي درخواست تي نيب کي نوٽيسز

اڳوڻي صدر کي گهڻيون بيماريون آهن (فاروق نائڪ) عدالت طرفان ميڊيڪل رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي سندس ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي نيب کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن. فاروق ايڇ نائڪ چيو آهي ته آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن، طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پمز اسپتال کي آصف زرداري جي بيماري جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت اڳوڻي صدر کي طبي بنيادن تي ضمانت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران پمز اسپتال جي ايم ايس کي حڪم ڏنو ته نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ۽ اُن ۾ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪيو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت پُڇيو ته ڪنهن جي حڪم تي آصف زرداري لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو؟ جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آهي، بورڊ ۾ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪيو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته پمز اسپتال وارن کي چئون ٿا ته ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪن، عدالت 11 ڊسمبر تائين آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
فريال ٽالپر جي درخواست تي نيب کي نوٽيسز
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته عدالت ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي نيب کي نوٽيسز جاري ڪيا آهن، آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت درخواست داخل ڪرائي آهي. عدالت آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي اُن ۾ سندس ذاتي ڊاڪٽر کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان چاهيون ٿا ته نئين ميڊيڪل رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وڃي.
آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون
اُن موقعي تي سوالن جا جواب ڏيندي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن
آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن، کيس دل جو عارضو به آهي.

Bookmark the permalink.