تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پمز اسپتال ۾ پنهنجي والد سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول چيو ته اسان جو بنيادي مطالبو هو ته آصف زرداري کي ذاتي ڊاڪٽر جي سهولت ڏني وڃي، پر اهو مطالبو تسليم ناهي ڪيو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته آصف زرداري طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست ڏيڻ لاءِ آصفه ڀٽو جي ڳالهه مڃي ورتي آهي. هن چيو ته آصف زرداري سميت پيپلزپارٽي پنهنجن نظرين تي قائم آهي. هن چيو ته طبي بنيادن تي آصف زرداري جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائينداسين ۽ سڀاڻي تائين درخواست فائنل ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائينداسين. بلاول چيو ته آصف زرداري سان ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، اسان جو يومِ تاسيس وارو جلسو ڪامياب رهيو، ڪشميري عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. هن چيو ته هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لياقت باغ ۾ ملهائينداسين.

Bookmark the permalink.