تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ايما اسٽون مڱڻو ڪري ورتو، مداحن جون مبارڪون

هالي ووڊ اداڪارا پنهنجي ويجهي دوست فلم ساز ڊيو ميڪري سان مڱڻو ڪري ورتو

ڪراچي (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪارا ۽ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ايما اسٽون پنهنجي ويجهي دوست ۽ آمريڪي فلم ساز ڊيو ميڪري سان اوچتو مڱڻو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب ايما اسٽون گذريل ٻن سالن کان ڊيو ميڪري سان لاڳاپن ۾ هئي. 31 سالن جي ايما اسٽون ۽ 34 سالن جي ڊيو پاڻ ان خبر جو اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪيو. ان موقعي تي اداڪارا بي حد خوش نظر آئي جڏهن ته هن مداحن کي پنهنجي مڱڻي جي منڊي به ڏيکاري. اداڪار پاڻ هن مڱڻي جي حوالي سان هيل تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو جڏهن ته مداحن ٻنهي کي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. اداڪارا جي مڱڻي جي منڊي به ڪافي انوکي هئي جنهن کي مداحن پسند ڪيو ٻئي پاسي اداڪارائن جي ابتڙ ايما اسٽون جنهن منڊي جي چونڊ ڪئي ان ۾ موتي لڳل هو. خيال رهي ته پهريون ڀيرو 2017ع ۾ ٻنهي وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون ميڊيا ۾ آيون هيون. هونئن ته ايما پنهنجي ذاتي زندگي کي هميشه ڳجهو رکندي آهي پر رپورٽن موجب ٻنهي جي پهرين ملاقات 2016ع جي ڊسمبر مهيني ۾ هڪ ايونٽ دوران ٿي وئي. گذريل سال آگسٽ ۾ ايلي ميگزين کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ايما جو چوڻ هو ته جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي شادي ۽ ٻارن جي حوالي سان منهنجي سوچ ۾ تبديلي آئي آهي جڏهن ننڍي هيس ته سوچيندي هيس ته شادي نه ڪنديس ۽ نه ئي ٻار پيدا ڪنديس پر هاڻي سوچ مختلف ٿي وئي آهي.

Bookmark the permalink.