تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

آرمي چيف ۽ حڪومت کي 3 سال ملي ويا: سموريون جماعتون آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ تي متفق آهن: شيخ رشيد

سپريم ڪورٽ دور انديشيءَ جو فيصلو ڏنو آهي، آرمي چيف جمهوريت ۽ عمران جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، 6 مهينا ته پري جي ڳالهه آهي

شهباز شريف ٽوپي پائي لنڊن ويندو آهي ته ڪا نه ڪا ڪارروائي ضرور ڪندو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي: وفاقي وزير

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آرمي چيف ۽ حڪومت کي 3 سال ملي ويا، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جو فيصلو 6 مهينا نه، پر 6 هفتن ۾ ٿي ويندو، سموريون جماعتون آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ تي متفق آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد دعوي ڪئي ته سموريون جماعتون آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ تي متفق آهن، 5 مهينا ته پري جي ڳالهه آهي، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جو فيصلو 6 هفتن ۾ ٿي ويندو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جمهوريت ۽ وزيراعظم جي حڪومت سان گڏ آهي، جنهن جو مقصد جمهوريت جي ڪاميابي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي 3 سال ملي ويا ۽ حڪومت کي به 3 سال ملي ويا آهن. سُپريم ڪورٽ دور انديشيءَ جو فيصلو ڏنو آهي.
هاڻي شهباز شريف کي خطن جي عادت پوندي
هڪ سوال جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي هاڻي آهستي آهستي وزيراعظم ڏانهن خط لکڻ جي عادت پئجي رهي آهي، لڳي ٿو ته شهباز شريف ڪا ڪارروائي ڪندو ۽ جلدي خبر پئجي ويندي، ڇاڪاڻ ته شهباز شريف جڏهن به ٽوپي (هيٽ) پائي لنڊن ويندو آهي ته ڪا نه ڪا ڪارروائي ضرور ڪندو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته هُن ته پهرين ئي چيو هو ته شريف ڀائرن کي ٻاهر موڪليو ته حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، بيمار نواز شريف آهي، موڪلون وري شهباز شريف پيو گذاري.
مولانا کي ڇوٽ ڏني اٿئون: جمعو جمعو کيڏي پيو
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان کي کُليل ڇوٽ ڏني آهي، هاڻي هو جنهن ڏينهن جلسو ڪندو آهي، سمجهي ويندا آهيون ته جمعي جو ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته مولانا فصل الرحمان جمعو – جمعو کيڏي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.