تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

آرمي چيف جو عهدو شٽل ڪاڪ بڻائي ڇڏيو، ڇا لکيو ۽ ڇا موڪليو، ڪنهن پڙهڻ جي زحمت نه ڪئي: سُپريم ڪورٽ

سمري، ايڊوائيس ۽ نوٽيفڪيشن جهڙي نموني ٺاهيا ويا، لڳي ٿو قانون واري وزارت وڏي محنت سان هي مامرو خراب ڪيو آهي: چيف جسٽس

اٽارني جنرل صاحب! اصل ۾ ٿي ڇا رهيو آهي، ڪجهه ته سمجهايو، اسان کي آرٽيڪل 243 تي ڪليئر ڪريو: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته حڪومت آرمي چيف جي عهدي کي شٽل ڪاڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ائين ته اي سي جي به مقرري نه ٿيندي آهي، وزيراعظم نئين سر مقرري جي سفارش ڪئي ۽ صدر توسيع ڏئي ڇڏي، ڇا لکيو آهي ۽ ڇا موڪلي رهيا آهيو، اهو به پڙهڻ جي زحمت نه ڪئي
سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري درخواست تي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي.
نوٽيفڪيشن ڪيئن قانوني ٿي ويو؟
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ۾ چيو ته صدر آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن وزيراعظم جي مشوري سان جاري ئي نه ڪيو آهي. توهان (اٽارني جنرل) پاڻ چيو هو ته رٽائرمينٽ ۽ ملازمت جي مُدي ۾ واڌ الڳ الڳ مامرا آهن. جتان نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي، اُها آئيني آفيس آهي. صدر، وزيراعظم، چيف جسٽس، آرمي چيف، اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين ۽ آڊيٽر جنرل جا عهدا آئيني آهن. آرمي چيف کي توهان شٽل ڪاڪ بڻائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي توهان سان همدردي آهي، سڀاڻي تائين معاملي جو حل ڪڍو، توهان وٽ سڀاڻي تائين و وقت آهي.
چيف جسٽس پنهنجي ريماڪس ۾ چيو ته وزيراعظم سفارش ٻيهر مقرري جي ڪئي، پر ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. پوءِ ڪيئن جاري ٿيل نوٽيفڪيشن قانوني ٿي ويو. اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته هو ڪنوينشن تي دليل ڏيڻ گهري ٿو، کيس اجازت ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته جڏهن قانون موجود آهي ته ڪنوينشن تي دليل ڏيڻ ضروري آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اٽارني جنرل صاحب اسان کي آرٽيڪل 243 تي ڪليئر ڪريو.
سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن ڪجهه به نه ڏٺو
ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آرمي چيف کي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڏني وئي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن ڪجهه به نه ڏٺو، آئين جي آرٽيڪل 243 تحت مقرري ڪئي ويندي آهي. جسٽس مظهر عالم چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو اسان جي اڳيان آيو آهي. اٽارني جنرل چيو ته آئين جي شق 243 تحت آرمي چيف جي ٻيهر مقرري ڪري سگهجي ٿي. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اٽارني جنرل صاحب! اصل ۾ ٿي ڇا رهيو آهي، ڪجهه ته سمجهايو. اداري ۾ موجود آفيسر سمريز چيڪ ڇو نه ڪندا آهن.
اڳوڻي جسٽس ديدار جي ڪيس جو ذڪر
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ۾ چيو ته اسان وٽ اڳوڻي جج جسٽس ديدار علي شاهه جو ڪيس آيو هو، جنهن کي حڪومت نيب چيئرمين مقرر ڪيو هو. مقرريءَ واري سمري تي اڳوڻي جج کي بي توقير ڪيو ويو، قانون واري وزارت کي سمجهه ۾ ڇو نٿو اچي ته مسودن ۾ صحيح ٻولي استعمال ڪن.
ائين ته ڪنهن اي سي جي به مقرري ناهي ٿيندي
ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته آرمي چيف 28 نومبر تي رات جو 12 وڳي رٽائر ٿي رهيو آهي، جيڪو نوٽيفڪيشن ڏنو ويو آهي، اُن ۾ 29 نومبر کان آرمي چيف کي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڏني پئي وڃي. ٻڌايو وڃي ته رٽائرڊ آرمي آفيسر فوجي سربراهه ٿي سگهي ٿو؟ آرمي چيف کي توهان شٽل ڪاڪ بڻائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ائين ته ڪنهن اسسٽنٽ ڪمشنر جي به مقرري نه ٿيندي آهي، جيئن توهان ڪئي آهي. جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته فرض ڪريو موجوده آرمي چيف رٽائر ٿي رهيو آهي ته نئون آرمي چيف ذميواريون ڪڏهن نڀائيندو؟ ڇا نئون آرمي چيف 29 نومبر تي ئي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو؟ اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل 29 تاريخ کان ئي ذميواريون سنڀاليندو.
لڳي ٿو مامرو وڏي محنت سان خراب ڪيو
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ۾ چيو ته زيراعظم نئين سر مقرري جي سفارش ڪئي ۽ صدر توسيع ڏئي ڇڏي، ڇا لکيو آهي ۽ ڇا موڪلي رهيا آهيو، اهو به پڙهڻ جي زحمت نه ڪئي. سمري، ايڊوائيس ۽ نوٽيفڪيشن جهڙي نموني ٺاهيا ويا، لڳي ٿو قانون واري وزارت وڏي محنت سان هي مامرو خراب ڪيو آهي.



Bookmark the permalink.