تازا ترين
  • *جيڪب آباد: 8 سال اڳ اغوا ڪيس ۾ 5 سال سزا ٻڌايل جوابدار زبير جکراڻي ضمانت لاءِ عدالت پهتو *عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪندي جوابدار زبير جکراڻي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *جوابدار زبير جکراڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف جيڪب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو *عدالت 6 اپريل 2012 تي جوابدار زبير جکراڻي سميت ٻن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي*
  • *صدر جي ڀٽيون ويجهو شادي شده عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش *ڳوٺ مور جهٻر واسڻ ناهيدان شيخ کي جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي *مڙس جي غير موجودگي ۾ نثار، هدايت ۽ شمن شيخ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ناهيدان شيخ*
  • *نيب شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني انڪوائري بند نه ڪئي آهي: نيب ترجمان *نيب شهباز شريف جي بدعنوانين خلاف ثبوتن جي بيناد تي ريفرنس داخل ڪيا: ترجمان *نيب ڪيسن ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙن کي مشورو آهي ته اهي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪن: ترجمان*
  • *االعزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نواز شريف جي لنڊن واري رهائشگاهه ٻاهران طلبي جا اشتهار لڳايا ويندا *رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو *طلبي جا اشتهار نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران چورنگي تي لڳايا وڃن: خط *اشتهار پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران رهائشگاهه ٻاهران لڳايا وڃن: خط*
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

آرمي پبلڪ اسڪول سانحو سيڪيورٽي جي ناڪامي قرار: ڪميشن رپورٽ پڌري: وڏن ذميوارن کي پڪڙيو وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پشاور جي آرمي پبلڪ سڪول واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن واقعي کي آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون جي ڪاميابي کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسڪول ۾ موجود سيڪيورٽي گارڊ حملي ڪرڻ لاءِ ايندڙ دهشتگردن کي روڪڻ جي صلاحيت نه رکندا هئا، ڪالھه سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ رپورٽ جاري ڪئي ويئي آهي. انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد ابراهيم خان تيار ڪئي آهي جيڪا پنج سو پنجويهه صفحن تي ٻڌل آهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي پبلڪ سڪول واقعي کان پهريان نيڪٽا وارن وارننگ جاري ڪئي هئي ته دهشتگرد آرمي پبلڪ سڪول کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، فوجين جي ٻارن کي نشانو بڻائڻ چاهين پيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اسانجي اتر اولهه واري سرحد وسيع هجڻ ڪري غير محفوظ آهي. اتان حڪومت جي عالمي ادارن سان ٿيل معاهدن تحت مهاجرن جي اچ وڃ جاري رهندي آهي، اھڙا انسان دشمن ماڻهو جيڪي سرحد پار ڪري اچن ٿا انهن کي مقامي ماڻهن طرفان مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي اهو ناقابل معافي ڏوھ آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن پنهنجو خون غداري ڪري ته آرمي پبلڪ سڪول جهڙا واقعا ٿيندا آهن. انسان دشمن عناصر ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي ڪري محدود وسيلن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن اندر مان دهشتگردن کي مدد حاصل هجي ته آرمي پبلڪ اسڪول جهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ادارا ناڪام ٿي وڃن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسڪول جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ هڪ منصوبي تحت گاڏي کي باھ ڏني وئي جنهن سبب سمورن سيڪيورٽي وارن جو ڌيان ان طرف ٿي ويو ان جاءِ تي سيڪيورٽي جون ٽيمون ڏهن منٽن ۾ پهچي ويون ۽ سموري سيڪورٽي جو ڌيان اسڪول کان هٽي ڪري ان طرف ٿي ويو، دهشتگرد ان موقعي جو فائدو وٺندي آرمي پبلڪ سڪول ۾ داخل ٿي ويا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڪول جي پٺين پاسي کان گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار گاڏي سڙڻ سبب اتان هٽي ويا جنهن جو فائدو دهشتگردن ورتو ۽ پٺين پاسي کان اسڪول ۾ داخل ٿي ويا. ان صورت ۾ٻيو ڪوئيڪ ريسپانس فورس جو دستو فوري طور اسڪول جي حفاظت لاءِ پهچي نه سگهيو ۽ جيڪي ريپڊ ريسپانس فورس جا اهلڪار موجود هئا اهي به دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا، پهرين کان اسڪول ۾ موجود سيڪيورٽي عملي جي پوزيشن به ٺيڪ نه هئي ان ڪري هو حملو ڪندڙن کي روڪي نه سگهيا، سيڪيورٽي جي سموري عملي جي توجهه سڪول جي مرڪزي دروازي تي هئي انهن جي پٺين پاسي طرف ڌيان نه هيو، ان ڪري حملو ڪندڙ آرام سان اسڪول ۾ داخل ٿي ويا، رپورٽ ۾ وضاحت سان چيو ويو آهي ته اسڪول جي سيڪيورٽي لاءِ موجود گارڊن جي صلاحيت دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ ناڪافي ھئي، صرف ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن ٻارن جي طرف ايندڙ حملي آورن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان دهشتگردي جو مقصد اهو هيو ته پاڪ فوج کي آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون کان روڪڻ هيو، جيتوڻيڪ پاڪ فوج آپريشن ضرب عضب ۽ خيبر ون ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر آرمي پبلڪ سڪول واري واقعي ان ڪاميابي کي داغدار ڪري ڇڏيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي اسانجي سيڪيورٽي نظام تي ڪيترائي سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته غفلت ڪرڻ سبب ايم وي ٽي – 1 جي اهلڪارن کي سزا ڏني وئي آهي.
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي آرمي پبلڪ اسڪول واقعي تي انڪوائري ڪميشن پاران تيار ڪيل رپورٽ پبلڪ ڪرڻ، ڪميشن رپورٽ تي لائن آف ايڪشن جوڙڻ ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سينيئر وڪيل امان الله ڪنراڻي کي متاثرن جي قانوني مدد لاءِ عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ آرمي پبلڪ سڪول واقعي واري پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي وفاقي حڪومت جو جواب جمع ڪرائيندي چيو ته ان واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف هر ممڪن ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. چيف جسٽس کيس چيو ته اوهان مٿان کان ڪاروائي جو آغاز ڪريو، اسانجي ملڪ جو الميو رهيو آهي وڏي سانحي جو ذميوار ننڍي عملي کي قرار ڏنو ويندو آهي، وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي، سيڪيورٽي اهلڪارن کي ان سازش جو اطلاع هجڻ گهرجي ها، ايڏي سيڪيورٽي باوجود عوام عوام محفوظ ناهي ته پوءِ ملڪ يا نظام ڪيئن هلائيندا. اهي ماڻهو جيڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهين پيا انهن اهو مقصد حاصل ڪيو، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڪنهن جي ته غفلت سبب ايڏو وڏو واقعو ٿيو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ان واقعي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو اهو پوري قوم جو ڏک آهي. واقعي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارن جي والدين پيش ٿي چيف جسٽس کي چيو ته سپريم ڪورٽ وڏن عهدن تي ويهڻ وارن کي پڪڙيندي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، اسانجا ٻار واپس نه ايندا پر اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن ٻين جي ٻارن سان ايئن نه ٿئي، اسڪول ۾ هڪ منصوبه بندي سان بارن کي هڪ حال ۾ جمع ڪري ماريو ويو، اهو واقعو دهشتگردي نه ٽارگيٽ ڪلنگ آهي. انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيون ٿا جنهن کانپوءِ عدالت ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کي ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.