تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

آذربائيجان ۽ آرمينيا جي فوجن ۾ جهڙپون، هڪٻئي تي جنگ مڙهڻ جو الزام

نگورنو ڪاراباخ (م ڊ) سويت يونين سان آزاد ٿيندڙ اولهه ايشيائي رياستون آرمينيا ۽ آذربائيجان جي فوجن ۾ تڪراري علائقي نگورنو ڪاراباخ ۾ وري ڇڪتاڻ، جهڙپون شروع، هڪٻئي تي جنگ مڙهڻ جا الزام. تڪراري علائقي ۾ جهڙپن ۾ تيزي اچڻ کانپوءِ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي فوجن هڪ ٻئي تي جنگ شروع ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. آرمينيا جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته آذر ڀائيجان جي فورسز شهري علائقن ۾ فضائي حملا ۽ بمباري ڪئي، جنهن جي آذربائيجان ترديد ڪئي آهي. آرمينيا جي دفاع واري وزارت آذرڀائيجان جا 2 هيليڪاپٽر ۽ 3 ڊرون ڪيرائڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته آذر ڀائيجان جي فوج وڏي تعداد ۾ آرميني فوجي اڏن، اينٽي ايئرڪرافٽ ميزائل سسٽم ۽ فوجي گاڏين کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آذربائيجان جي دفاع واري وزارت تڪراري علائقي ۾ 6 ڳوٺن کي آرميني قبضي مان ڇڏائڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف آرمينيا تڪراري علائقي ۾ مارشلا لاڳو ڪري وڌيڪ فوج موڪلڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. يورپي يونين، فرانس ۽ روس سميت ٻين ملڪن تڪراري علائقي ۾ فوري جنگ بندي تي زور ڏنو آهي، پاڪستان آذرڀائيجان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آذر ڀائيجاني قوم سان گڏ بيٺل آهي، پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آرمينيا جي فوج آذرڀائيجان جي علائقن ۾ شهري آبادي تي گولاباري ڪئي، صورتحال خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، تنهن ڪري آرمينيا وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ فوجي ڪارروائي بند ڪري. پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان آذرڀائيجان قوم سان گڏ بيٺو آهي ۽ ان جي دفاع جي حق جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت آذرڀائيجان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته آذرڀائيجان تي هڪ ٻئي حملي سان آرمينيا ثابت ڪري ڇڏيو ته هو علائقائي امن امان جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ترڪي هميشه وانگر اڄ به پنهنجي آذري ڀائرن سان گڏ آهيون.

Bookmark the permalink.