تازا ترين
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

آبپاشي کاتي سکر ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن پاران جاچ شروع، الزام هيٺ آيل آفيسرن کي نوٽيس جاري

چيف انجنيئر مختيار ابڙو ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري کين سڀاڻي طلب ڪيو ويو

آفيسرن تي 2 ارب کان وڌيڪ جي ڪرپشن جي الزام جي جاچ ڪئي پئي وڃي: ذريعا

سکر(بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي سکر ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف. اينٽي ڪرپشن ٽيم چيف انجنيئر مختيار ابڙو ۽ ٻين ملوث عملدارن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي. اينٽي ڪرپشن طرفان الزام آيل سکر بئراج جي چيف انجنيئر مختيار ابڙو ۽ ٻين آفيسرن ڏانهن نوٽيس جاري ڪري کين سڀاڻي اربع تي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم سکر بئراج جي چيف انجنيئر مختيار ابڙو ۽ ٻين عملدارن کان سال 2018 کان 2019 جي بجيٽ خرچ جا تفيصل گهري ورتا آهن. ذريعن موجب ليفٽ بئراج ۽ ڪئنالن جي پچنگ ۽ سلٽ ڪڍڻ جي مد ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آفيسرن هالا، روهڙي ڊويزن ۽ مورو جي ڪمن ۾ جعلي 2 ارب 17 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي. جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.